سنڌ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
Sindh
سنڌ
سندھ
—  صوبو  —
[[File:
Jinnah Mausoleum.JPG
FaizMahal.jpgLansdowne Rohri, Sukkur.jpg
Ranikot Fort Sindh.jpg
|250px|none|alt=|Left to right: Mazar-e-Quaid, Faiz Mahal, Ayub Bridge adjacent to Lansdowne Bridge and Ranikot Fort]]Left to right: Mazar-e-Quaid, Faiz Mahal, Ayub Bridge adjacent to Lansdowne Bridge and Ranikot Fort

پرچم

نشان
عرفيت: مھراڻ
باب الاسلام
سنڌ پاڪستان جي نقشي ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل
Country Flag of Pakistan.svg پاڪستان
قائم ٿيو
گاديء جو ھنڌ ڪراچي
وڏو شھر ڪراچي
حڪومت
 - قسم وفاقي حڪومت جي برتريءَ جي شرط سان مڪمل خودمختيار صوبائي حڪومت
 - گورنر محمد زبير عمر
 - وزير اعلي فضل الرحمٰن
 - چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ
 - مقننہ صوبائي اسيمبلي
 - ھاء ڪورٽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ
ايراضي
 - ڪُل 140,914 ڪلوميٽر2 (اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي نشاني ",". ميل2)
آدمشماري (2017)[1]
 - ڪُل 47,886,051
 ڪثافتِ آبادي اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي نشاني ","./ڪلوميٽر2 (اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل./ميل2)
نالو آبادي سنڌي
منطقۂ وقت PKT (يو ٽي سي+5)
آیزو 3166 رمز PK-SD
پاڪستاني مکيہ ٻوليون
ٻيون مقامي ٻوليون: بروھي, پشتو, بلوچي, سرائيڪي & پنجابي[2][3]
مشھور راندين جون ٽيمون
نيشنل اسيمبلي ۾ سيٽون 75
صوبائي اسيمبليءَ ۾ سيٽون 168[4]
ٽوٽل ضلعا 29
ٽوٽل تعلقا 119
ٽوٽل يونين ڪاؤنسلون 1108[5]
ويب سائيٽ sindh.gov.pk

سنڌ پاڪستان جو چئن صوبن مان هڪ اهم صوبو آهي، جيڪو پاڪستان جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي.

پاڪستاڻ جي نقشي ۾ نيري رنگ ۾ سنڌ ڏيکاريل آھي

تعارف

تاريخي طور تي اهو سنڌي ماڻھن جو گهر رهيو آهي. ان کي مقامي طور تي واڌي مهراڻ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. پکيڙ جي لحاظ کان سنڌ ٽيون وڏو ۽ آبادي جي لحاظ ٻيو وڏو صوبو آهي پنجاب، پاڪستان کان پوء، سنڌ جون سرحدون اولھ ۾ بلوچستان اتر ۾ پنجاپ سان، اوڀر ۾ ڀارت جي رياستن راجستان ۽ گجرات سان ملن ٿيون جڏهن ته سنڌ جي ڏکڻي سرحد عربي سمنڊ سان ملي ٿي. سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر ريگستان واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ آف ڪڇ ريگستان سان ملي وڃي ٿو. سنڌ جي اولھ ۾ کير ٿر جبل واقع آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي. ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بينڪن جو سسٽم موجود آهي، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ بن قاسم بندرگاھ ۽ ڪراچي بندرگاھ پڻ سنڌ ۾ آهن. باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي، جيڪي لاتعداد ميوا، ڀاڄيون، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا. سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي.

سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي، جنهن تي گهڻو تڻو اثر صوفيزم جو آهي، ڪيتريون ئي اهم صوفي مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون. سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو (ديوان) رهن ٿا ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا قومون آباد آهن جن ۾ مهاجر (جيڪي 1947ع ۾ انڊيا مان هجرت ڪري آيا هئا) برمي، ملباري، بنگالي، وغيره جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا نسلي جهيڙا پڻ ٿيا آهن. سنڌ ۾ گڏيل قومن جي سائنسي ثقافتي ادارو طرفان ٻه ورثا پنهنجي اداري طرفان منظور ڪيا ويا آهن جنهن ۾ هڪ مڪلي جون ٽڪريون (ٺٽو) ۽ ٻيو موهن جو دڙو (لاڙڪاڻو).

نالي جي معني

سنڌو نالو ۽ اُن جي معني: سنڌ تي سنڌونديءَ تان نالو پيو آهي. سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ اڳي ڪابل ندي، گومتي (گومال) وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون (Tributaries) هونديون هيون، تنهنڪري سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻو وڏي هوندي هئي ۽ سمنڊ سان ڪلهو پئي هڻندي هئي. انهيءَ سبب آڳاٽن آرين اهو نالو رکيس. اڄ به سنڌونديءَ جو پيٽ ديري اسماعيل کان وٺي ڪالاباغ تائين ايڏو وڏو آهي، جو ڪا ٻيڙي وچ سير ۾ هوندي، ته نڪي اورينءَ ڀر نڪي پرينءَ ڀر کان ڏسڻ ۾ ايندي.هندستان جي امپريل گزيٽيئر“ بينفي صاحب واري سنسڪرت ڊڪشنري، پروفيسر آپٽي واري سنسڪرت ڊڪشنري ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن موجب ”سنڌو“ جو ڌاتو يا بنياد آهي سنسڪرت لفظ ”سيند“ (Syand) معنيٰ وهڻ. انهيءَ سبب سنڌو“ جي بنيادي معنيٰ آهي ”اها ندي جا سدائين پيئي وهي“! پروفيسر مئڪس ملر جي خيال موجب ”سنڌو“ جو ڌاتو آهي ”سڌ“ معنيٰ رکي وٺڻ يا بچاءُ ڪرڻ. سنڌوندي جن هنڌان وهي ٿي تن هنڌن جي رهاڪن جو ڌارين جي ڪاهن ۽ جهنگلي مرن جي حملن کان بچاءُ ڪري ٿي. ٻئي ڌاتو ٺهي اچن ٿا، پر پهرين معنيٰ وڌيڪ عام آهي.[6]

سنڌ جي جاگرافي

سنڌ
Sindh-Map.PNG
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي جاگرافي

سنڌوءَ جي ويڪريءَ ماٿريءَ جي کاٻي پاسي، يعني اوڀر کان، هندستان جو وسيع ريگستان، ٿر، آهي. جنهن ۾ لاڳيتو ٽي سوء ميل سڃ ئي سڃ آهي ۽ جيڪو هري هري چڙهندو، وڃي ابو ٽڪريءَ ۽ اوالي ٽڪرن تي کٽي ٿو. جمڙائوءَ جي منڍ واريءَ ويڪرائي ڦاڪ جي ڏکڻ کان ويندي ڪڇ جي رڻ تائين ٻنهي علائقن جي وچ وارو ٽڪر ائين واضع ۽ چٽو آهي، جيئن سمنڊ جو ڪپر- واريءَ جا دڙا ائين اوچتو نروار ٿين ٿا، جيئن ڪنهن سڌي سنواٽي ميدان ۾ ڇپن جون قطارون، پريان اُتر ۾، واريءَ جون ڀٽون ڪچي ۾گهڙي اچن ٿيون، ۽ سنڌوءَ جي ليٽ وارياسي علائقي ۾ ڪافي اندر تائين هلي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح، اُنهن ٻنهي ٽڪرن جي وچ ۾، جيڪي طبعي لحاظ کان مختلف مُول منڍ وارا آهن، اصل ويڇو گهڻي ڀاڱي ميسارجيو وڃي. ائين کڻي چئجي ته ٿلهي ليکي، ڪچي کان ٿر جو ويڇو هن علائقي ۾ ڪجهه وڌيڪ اوڀر ڏانهن آهي. ڏاکڻي ۽ اترئين ڀاڱي ۾ وارياسي جي سنڌي جو هيءَ فرق ڏکڻ- اولهه جي چوماسي جي ٻل نٻل ۽ گهاٽيءَ واڌيءَ جي ڪري ڦرندو گهرندو رهي ٿو.
ساڄي يا اُلهندي پاسي کان اصل سنڌ جون حدون انهن ڪڪرالين ماٿرين جي ڇيڙي جي سنوت ۾ نظر اينديون، جيڪي بلوچستان جي اندر ڦلهجي ويندڙ ٽاڪرو علائقي تائين هليون وڃن ٿيون. پرحقيقت ۾ ان مٿانهين پٽ سان هڪدم لڳولڳ زمين ٽڪرين تان وهي آيل لٽ منجهان ٺهيل آهي. اها سنڌوءَ جي لٽ کان بلڪل نرالي ٿئي ٿي. اهو تر جنهن کي مڪاني طرح ”ڪاڇو“ سڏيو وڃي ٿو ۽ گهڻي ڀاڱي سوڙهو آهي، سو سليمان جبل ۽ بولان لڪَ کان ڏکڻ طرف ويندڙ جبلن جي وچ ۾، ڊيگهه ۾ وڌندي، ڪيترن هزارين چورس ميلن جو علائقو ٺاهي ٿو. ان جو جيڪو ڀاڱو سنڌوءَ واري ڪچي کي ويجهي ۾ ويجهو آهي، سو چيڪي مٽيءَ جهڙيءَ مٽيءَ جو تراکڙو بيابان آهي، جتي سبزو ۽ ساوڪ نه هئڻ جي برابر آهن. اهو بيابان هڪ قدرتي روڪ آهي- اهڙي ئي اڏول، جهڙا اُهي جبل، جيڪي ان طرف جون ٻيون حدون ٺاهين ٿا. ان بيابان جي ڪري ئي ڪڇيءَ جو هيءَ علائقو گهڻو ڪري سياسي طرح ڏکڻ اوڀر وارين ايراضين جي بدران اُتر وارين ايراضين سان لاڳاپيل سمجهبو رهيو آهي.

سنڌ جي ڪچي جي اولهه ۾ جيڪو جابلو ٽڪرو آهي، سو بيهڪ ۾ اوڀر واري ريگستاني ٽڪري سان عجيب مشابهت رکي ٿو. پر ابتيءَ ترتيب سان: يعني اتريون ڀاڱو ڪڇيءَ جي ڇيڙي کان ويندي منڇر تائين بظاهر اڻ ڀڳل ڪوٽ ٺاهي ٿو، جڏهن ته منڇر کان ڏکڻ طرف ڌار ڌار ٽاڪرو ڇپر نظر ايندا، جن جي وچ ۾ سئين پٽ جون ايراضيون آهن، ۽ سمورو تر ڏکڻ ڏانهن هلندي، هوريان هوريان ويڪر ۾ وڌندو ۽ اُچارئيءَ ۾ گهٽبو وڃي ٿو ۽ اولهه پاسي ڪا ظاهري حد ٺاهيندو نظر نٿو اچي.
اُنهيءَ پاسي وڌندي، حب ندي ۽ ڪي ننڍيون ٽڪريون اُڪري، اسين لس جي ميدان ۾ پهچون ٿا، جيڪو سمنڊ جي ڪپر کان ساٺيڪو ميل اُتر طرف هليو وڃي ٿو ۽ جنهن جي وڌ ۾ وڌ ويڪر انهيءَ مفاصلي جي اڌ جيتري ٿيندي. اهو ميدان پورالي نديءَ ۽ ڪن ننڍين نين جي آندل لٽ منجهان جُڙيو آهي. ۽ مٿي ڄاڻيل ڪڇيءَ جي ميدان وانگر، جنهن سان اهو گهڻي مشابهت رکي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن سياسي طرح سنڌ سان لاڳاپيل پر گهڻو ڪري ان کان ڌار رهيو آهي.

هيءُ انهن علائقن جو مختصر بيان آهي، جن جون ڪڏهن ننڍيون ڪڏهن وڏيون ايراضيون اُن سر زمين سان شامل رهيو آهن، جنهن کي سياسي طور ”سنڌ“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ائين چئي سگهجي ٿو ته طبعي لحاظ کان سنڌ جي اوڀر وارا وارياسا پٽ راجپوتانا جو ۽ اولهه وارا ننڍا ٽَڪر بلوچستان جو حصو آهن. تحقيق، الهندي ڪوهستان يعني ڪاڇي جا ۽ اڀرندي ريگستان يعني ٿر جا رهواسي ”سنڌ ڏي هلڻ“ جي ڳالهه ڪندا آهن: هنن وٽ سنڌ جي معنيٰ اهائي اصل واري آهي، يعني اها سر زمين، جنهن کي سنڌو نديءَ ٺاهيو ۽ سدا تاتيو آهي. اڄ جيڪو پرڳڻو ان نالي سان اسان جي سامهون آهي، تنهن جي بيهڪ 27 ڊگريون 30 منٽ ۽ 23 ڊگريون 35 منٽ اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66 ڊگريون 42 منٽ ۽ 71 ڊگريون 10 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي وچ ۾ آهي.
شروع شروع ۾ جيڪي انگريز سنڌ ۾ آيا هئا، تن کي ان کي ”ننڍو مصر“ سڏيو هو. جيتوڻيڪ هاڻ اسان کي ان تشبيهه تي مٺيان لڳي سگهي ٿي، ڇو ته سنڌ تهذيب کي مصر کان عمر ۾ ايترو ننڍو سمجهيو ٿي ويو، تڏهن به نيل ۽ سنڌوءَ جي هيٺانهين ماٿرين جي وچ ۾ حيرت جهڙي مشابهت آهي: ٻنهي ۾ ساڳيا ئي ٽي پوو-وڇوٽ ٽڪرا- بُٺ ٽڪر، ڪچو ۽ وارياسو- ساڳيءَ ترتيب ۾ ساڄي کان کاٻي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٻنهي ۾ وچ واريءَ ماٿريءَ جي زرخيزيءَ جو دارومدار برسات تي نه پر سالياني ٻوڏ تي آهي. آبهوا ۽ زمين جي خيال کان ٻنهي ملڪن اندر نباتات ۽ حيوانات جي جيتري هڪجهڙائي آهي، تيترو فرق ناهي. ڪو سنڌ واسي موٽر رستي سوئيز کان قاهري ۽ اتان نيل ڊيلٽا جو ڪجهه ڀاڱو لتاڙي، لبيا جي ريگستان اندر ويندو، ته کيس منزل بمنزل ايتري مشابهت ڏسڻ ۾ ايندي، جو هو سمجهندو ته ريل تي ڪراچيءَ کان حيدرآباد رستي مارواڙ پيو وڃان. البت کيس نيل ڊيلٽا کان مٿي وارو تر سنڌو ماٿريءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سوڙهو لڳندو: ۽ حقيقت به اهائي آهي. حيدرآباد جي ويڪرائي ڦاڪ کان مٿي ٽن سون ميلن تائين درياهه سان گوني ڪنڊ ٺاهيندي، ڪيتريون به ماپون ڪبيون، ته ڪٿي به سنڌو ماٿريءَ جي ويڪر سٺ ميلن کان گهٽ نه ملندي. سنڌ جا پنج طبعي ڀاڳا آهن: سرو، وچولو، لاڙ، ڪوهستان ۽ ريگستان. مگر باريڪيءَ سان ڏسبو ته انهيءَ ۾ هر ورق جي زمين آهي: جابلو به، ٽڪرائتي به، پڪي به، ڪچي به، ڦيڙ به، ڊسڙ به، چيڪي به، ڪلراٺي ۽ وارياسي به ۽ بياباني زمين به. اهڙيءَ طرح آبهوا به ٿڌيءَ کان وٺي معتدل ۽ گرم به، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي گهڻي نباتات ’سنڌ‘ جي ڪنهن نه ڪنهن ڀاڱي ۾ آباد ڪري سگهجي ٿي. ان سبب ڪري، قدرتي طرح سان، ’سنڌ‘ ۾ گهڻن قسمن جا وڻ ٻوٽا اڀريل آهن. ۽ جو ’وڻ‘ يا ٻوٽو هڪ ملڪ ۾ آهي، سو ٻئي ۾ ڏسڻ ۾ نه ايندو.[7]

سنڌ جي آبهوا

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي آبهوا

سنڌ جي آبهوا جي خاصيت آهي ته اتي ٿڌ به گهڻي پوي ته گرمي به، برسات هڪ پوي ٿوري، ٻيو وڻيس ته پوي وڻيس ته نه پوي. سامونڊي ڪناري وارن علائقن جي آبهوا ٻين جي ڀيٽ ۾ گهميل ٿئي ٿي. ڇو ته اهي سامونڊي هيرن جي پهچ اندر ٿين ٿا. اهي هيرون سال جا چار مهينا لڳنديون آهن. انهن جي ڪري ملڪ اندر پري تائين ٿڌڪار ۽ وائک رهندي آهي. پر ڏکڻ -اولهه واري چوماسي جو زور اُنهن مٿين ويڪرائي ڦاڪن تي پهچڻ کان اڳ ٽٽي چڪو هوندو آهي. جون کان سيپٽمبر تائين چوماسو ملڪ مٿان جيڪي ڪُڪُر ڌڪيندو آڻيندو آهي، تن ۾ مينهن ڪي ڦڙيون مس هوندو آهي. پر اهي کڻي پاڻيءَ سان پُر هجن. تڏهن به ڏکڻ اولهه وارو ٽڪرو علائقو ايترو اُتانهون نه آهي، جو انهن کي روڪي سگهي. ايترو سو آهي ته چوماسي جي ڪري ٽڪرن جي اولهندين لاهين جي ”تاس“ ٿورڙي لهيو وڃي. اُنهي مند ۾جيڪو به مينهن پوي ٿو، سو، هوا جي ٻين لهرن جي چوماسي جي ابُتڙ، مڪاني آبهوا ۾ وڳوڙ جي ڪري پوي ٿو. گهڻي ڀاڱي ڪڪر تپيل زمين مٿان لنگهندي ٻاڦ ٿيندا ويندا آهن ۽ رڳو ايترو فائدو ٿيندو اٿن، جو هوا جي ٿڌاڻ قائم رهندي آهي. اها هوا وقتي طرح تکي ٿي، وڃي ٿر جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ واريءَ منجهان اٿندڙ سخت گرم هوا جي جاءِ وٺي ٿي. سنڌوءَ جي ميداني علائقي ۾ هير جو آخري جهوٽو حيدرآباد کان ڪي سوء ميل اُتر ۾ پڊعيدن تائين پهچي ٿو، پر ان هنڌ ۾ لڪي ٽڪرين جي ڏکڻي ڇيڙي جي وچ ۾ ڪا ليڪ ڪڍبي، ته جهوٽو ان ليڪ جي الهندي پاسي خير ڪو محسوس ٿيندو.

جيڪو علائقو اهڙيءَ ريت محروم رهجي وڃي ٿو، سو مٿينءَ سنڌ جي گهڻي سخت آبهوا جي اثر ۾ رهي ٿو. اُتي گرمي سڄا سارا ست مهينا رهي ٿي، جا اتفاق سان ڪڏهن مينهن وسڻ سان ٿورڙن ڏينهن لاءِ گهٽجيو وڃي. اهو اتفاق سان ڪڏهن پوندڙ مينهن به گهڻو ڪري وڏڦڙو ٿئي ٿو، جيڪو جهٽ وسي، وري بند ٿيو وڃي. اپريل کان پوءِ رات جو ڏاڍي ٻوسٽ ۽ گهٽُ ٿئي ۽ گرمي پد گهڻو ڪري پرهه کان اڳ سو کان هيٺ لهندو ئي ڪين. مئي ۽ جون ۾ ڏينهن جو ڇانوري ۾ ٿرماميٽر 120 ڊگرين کان 125 ڊگرين تائين به رهي ٿو. مند ڏاڍي خشڪ ٿئي ٿي ۽ لُڪ جو کهو ائين لڳندو آهي، ڄڻ کوري جو منهن کلي پيو هجي.

سنڌ، جيئن اڳيئي ڄاڻائي آيا آهيون، طبعي لحاظ کان ٻن ڊگهائي ڦاڪ وارن ڀاڱن - ٽاڪرو، ڪچو ۽ وارياسو ۾ ورهايل آهي. پر خود سنڌ وارا ان کي آبهوا جي لحاظ کان ٽن ويڪرائي ڦاڪ وارن ڀاڱن ۾ ورهايل سمجهندا آهن سرو، وچولو ۽ لاڙ، يعني مٿين، وچولي ۽ هيٺين سنڌ غير سنڌي ان آبهوا واري تفاوت کي سولائي لاءِ ٻن ڀاڱن- مٿين ۽ هيٺين سنڌ- ۾ ورڇيندا آهن. ۽ ملڪ جي سياسي ورڇ به گهڻو ڪري اهائي رهي آهي.

مٿينءَ ۽ هيٺينءَ سنڌ ۾ آبهوا ۾ جيڪو فرق آهي، سو ٻنهي ڀاڱن جي نباتات ۾ فرق جي شڪل م نيروار نٿو ٿئي. هن ڌرتيءَ جي نباتات به اها ساڳي آهي، جا ڪنهن برسات کان محروم، وارياسي ۽ گهڻي ڀاڱي ڪلراٺيءَ زمين جي ٿي سگهي ٿي. هت خاص ڪري اهڙا ٻوٽا ۽ وڻ جام ٿيندا آهن، جن ۾ پَن يا ته ٿورا ٿيندا آهن يا ته مرڳو ٿيندا ئي ڪونهن. ان وڻڪار ۾ به وڏو حصو ڪَنڊ جو ٿئي ٿو. هڪڙي پاسي ڪڇي ۽ آبپاشي علائقي جي نباتات ۽ ٻئي پاسي ٽاڪرو ۽ وارياسي علائقي جي نباتات، انهن ٻنهي جي وچ ۾ وڏو فرق گهڻائيءَ ۽ ورڇ جو آهي. ڪچي ۽ آبپاشي علائقي ۾ جيڪا وڻڪار گهڻي نظر اچي ٿي يعني ٻير، ٻٻر، ڪنڊي، لئي ۽ ٻيا ڪئين معمولي ٻوٽا، سا سموري وارياسي ۽ ٽاڪرو علائقي ۾ به ٿئي ٿي. پاڻيار ٻٻر جي ڀيٽ ۾ ٽاڪرو ٻٻر بندرو ٿئي ٿو. جنهن ٻوٽي لاءِ جا زمين سڻائي هوندي، سا هن ملڪ ۾ جتي به هوندي، اُتي اهو ٻوٽو ٿورو ڪي گهڻو ضرور ٿيندو. ساڳيءَ طرح وارياسي جا بي پن ٻوٽا، جهڙوڪ کپ ۽ ڦوڳ، ريجاري ۽ شاهوڪار زمين جي ميلن ۾ ڪٿي ڪٿي ڦاٿل واريءَ جي ٽڪرن تي به ملي ويندا.

سنڌ جي نباتات

سنڌ جنهن نباتاتي علائقي جو ڀاڱو آهي، تنهن ۾ ذري گهٽ سڄو پنجاب، الهندو راجپوتانا، ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ اچي وڃن ٿا، ۽ جيتوڻيڪ هندستان جي ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ ٻوٽا هت به ٿيندا آهن، پر گهڻي نسبت اولهه وارن ملڪن، مڪران، ايراني نار جي گرم ڀاڱن، عراق ۽، جيئن اڳيئي چيو اٿئون، مصر سان اٿس، جتان جي آبهوا ساڳي آهي.

سنڌ جي حيواني جيوت

علم حيوانات جي جن ماھرن پھريائين سنڌ جي جانورن تي تحقيق ڪئي، سي آھن برنس (Burnes) 1830ع، گرفٿ (Griffith) 18399ع، ھيوم ۽ ڊي (Hume and Day) 1872ع، بلان فورڊ (Blanford) 1971ع کان 1977ع، بٽلر (Butler) 1879ع، مري (Murray) 1884ع، اوٽس (Oates) 1889ع، ايٽڪن (Aitken) 19077ع، ٽائيسھرسٽ (Ticehurst) 1917ع کان 1920ع ۽ ايٽس (Eates) 1920 کان 1954ع، منٽن (Minton) 19622ع ۾ سنڌ ۽ لسٻيلي جي جانورن جي ڏسڻي (Key) ٺاھي. صديقي 18699ع ۾ جانورن جي لسٽ ٺاھي تيار ڪئي.[8]

ڪرنگھي بنان جانور (Invertebrates)

محي الدين (71-1964ع) سنڌ جي مڇين، نانگن، پکين، ڪڪڙن، ٻڪرين، ڍڳين ۽ مينھن جي پروٽوزوان (Protozoan) ۽ ھيلمينٿي (Helminthic) فاعلن تي ڪم ڪندي نيون جنسون ۽ ڪي نوان مفعول دريافت ڪيا آھن. مجيب سنڌ جي دريائي مڇين ۽ سامونڊي مڇين جي ھيلمينٿڪ فاعلن تي ڪم پئي ڪيو آھي ۽ ڪي نيون جنسون ۽ قسم دريافت ڪيا آھن. ترمذي سنڌ جي سامونڊي ڪپر واري پٽي ۾ ڪرسٽيشيا (Crustacea) تي پئي ڪم ڪيو آھي. فصلن کي نقصان پھچائيندڙ جيتن جڻين تي بھ چڱو ڪم ڪيو آھي. جيتوڻيڪ انھن ۾ اھي جيت ۽ چچڙ شامل نھ آھن، جن جو انسانن ۽ جانورن جي بيمارين سان واسطو آھي.[9]

ڪرنگھي وارا جانور (vertebrates)

پنڊپھڻ (Fossils): بلئنفورڊ ۽ فيڊن پھريون ڀيرو منڇر مان سنھ 76-1874ع ۾ پنڊپھڻ جمع ڪيا. ٽيھ سال پوءِ پلگرم ۽ ان سان گڏ ڪم ڪندڙن ڀڳي ٽوڙھي ويجھو تمام گھڻا پنڊپھڻ لڌا. پلگرم (1934ع) ھيٺين منڇر جي ٽن ڀاڱن کي ڪامليل (ميلوٽيشن)، چنجي (ٽارٽونيشن) ۽ ڍوڪ پٺاڻ (لوئر پلايوسين) وارين منزلن جي برابر سمجھيو ۽ ساڳئي وقت مٿئين منڇر کي سوالڪ واري بولڊر ڪانگھلومريٽ منزل (مڊل پلئسٽوسين) جي برابر تسليم ڪيو. سنڌ ۾ ھڪ گوشت کائيندڙ، اٺ سونڊ وارا، ٽي کُرن وارا، يارھن ٻڌي تعداد ۾ کُرن وارا ۽ ٽي سُرڻن يا رڙھندڙ جانورن جا ’پنڊپھڻ‘ سڃاتا ويا آھن.[10]

جيئرا قسم (Living Forms)

کير ڌارائيندڙ ٿڻن وارا جانور. جيترو ڌيان پکين تي ڏنو ويو آھي، اوترو کير ڌارائيندڙ يعني ٿڻن وارن جانورن تي نہ ڏنو ويو آھي. ٿڻن وارن جانورن جا ڪل 73 قسم آھن، جيڪي سنڌ ۾ رھن ٿا. انھن ۾ 20 گوشت کائيندڙ، 20 چمڙا، 4 جيت کائيندڙ، 15 ڪئا ۽ نوريئڙا وغيرھ، 9 کُرن وارا، 4 ويل ۽ ڊالفن ۽ ھڪ ڇِلر شامل آھن.[11]

گوشت خور جانور: ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي تھ چيتو ڪنھن وقت سنڌوءَ جي ڪڇي ۾ ۽ روھڙيءَ طرف رھندو ھو. روھڙي ۾ ھن جو زور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ ۾ چيتا سن 1886ع تائين ماريا ويا. ٻين گوشت کائيندڙن ۾ پلنگ (Panther) جيڪو ڪنھن وقت سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ پکڙيل ھو، سو ھاڻي رڳو کيرٿر جبلن ۾ محدود آھي. اھو خصوصًا ھلڪي رنگ جو آھي ۽ سندس بج ھندستاني پلنگ کان ڊگھا آھن. لڌڙو جيڪو لاڙڪاڻي ۽ ميرپور ساڪري ۾ ملندو ھو، سو گھڻي قدر گھٽجي ويو آھي. جھنگ ٻلو، سنڌ جي عام جھنگلي ٻلي، بُجُر ٻلو (Caracal Lynx) جيڪا ھاڻي ٿر ۾ اڻ لڀ ٿيندي وڃي؛ مشڪ ٻلو (Civet Cat) جيڪو ڳوٺن جي چوڌاري ملندو آھي، اھي سڀ سنڌ جي جھنگلن جا ٻلا آھن. ڳور پٽ جيڪو قبرن کوٽڻ ۽ مئل ماڻھن تي تڳڻ لاءِ مشھور آھي، سو بہ سنڌ ۾ ٿئي ٿو. چراخ ۽ لڌڙو جنھن جي پٺيان سدائين کلن جا واپاري ھوندا آھن، سي آھستي آھستي اڻلڀ ٿيندا وڃن. بگھڙ، گدڙ، لومڙ ۽ نور وغيره ٻيا گوشت کائيندڙ جانور آھن.

چمڙا: سنڌ ۾ چمڙن جا 13 قسم آھن، جن ۾ ھڪ ميوو کائيندڙ چمڙن جو (Fruit Bat)، ٻہ ڪُئي – پُڇ چمڙن جا، ٻہ قبائي (Tomb bat) چمڙن جا ۽ چار ڄامڙن چمڙن جا قسم شامل آھن.

جيت کائيندڙ: جيت کائڻ وارا جانور سنڌ ۾ تمام گھٽ آھن، جن ۾ ھڪ مسڪ شُرو (Musk Shrew) ۽ ٽن قسمن جا ڄاھا شامل آھن.

روڊنيشا: (Rodentia):ھن قسم ۾ ھڪ قسم جو سيھڙ، جيڪو خاص ڪري پٽاٽي جي فصل کي کائيندو آھي. نوريئڙو ۽ پنڌرھن قسم جي ڪُئن جا، جن ۾ ننڍي پُڇ وارا توڙي بجر پڇ وارا، ۽ ٿلھي منھن وارا وڏا ڪئا شامل آھن.

سيٽيشيا: (Cetacea):ھن ۾ سنڌو درياءَ توڙي گنگا ندي واري ٻلھڻ جا ٻئي قسم سامونڊي آھن، جيڪي سنڌوءَ جي ڊيلٽا ۾ ملندا آھن. پار پوائز (Porpoise) خاص مٺي پاڻيءَ جو جانور آھي ۽ انڌو ٿيندو آھي، ڇو جو ان جون اکيون پوري طرح تيار نہ ٿينديون آھن. ھيءُ سنڌو درياءَ ۾ ملندو آھي. ھن ٻلھڻ جو تيل مھاڻا سنڌن جي سور لاءِ ۽ مشعلن ٻارڻ جي ڪم آڻيندا آھن. ھن کي پڪڙڻ لاءِ مھاڻا خاص سيکاريل لڌڙا استعمال ڪندا آھن. بِلُويل جيڪو وڏي ۾ وڏو کير ڌارائيندڙ جانور تسليم ڪيو وڃي ٿو، سو بہ سنڌ جي سامونڊي ڪنارن کان پرتي ڏٺو ويو آھي ۽ ڀٽ ميٽ تي پڻ پڪڙيو ويو آھي.[12]

گاھ کائيندڙ (Herbivora)

گاھ کائيندڙ جانورن ۾ شامل آھن: ھرڻ، ڪارو ھرڻ، غزال ھرڻ وغيرھ. ڦاڙھو اڃا تائين سنڌ جي دريائي ٻيلن ۾ ڪافي عام آهي (ٽوٽل اندازًا 370 ڦاڙھا). ڪارو ھرڻ جيڪو ھن سڄي اپٻيٽ جي اصلوڪن ھرڻن جو ھڪ قسم آھي، سو تمام سھڻو ٿيندو آھي، ۽ پاڪستان ۾ ھي نسل ختم ٿيڻ تي آھي. سنڌ ۾ ھن نسل جا ھرڻ باقي ڪي ٿورا وڃي کيرٿر جبل ۾ بچيا آھن. ھرڻ، جيڪو ڪنھن وقت سنڌ ۾ ھر ھنڌ ھوندو ھو، سو بہ ھاڻي تمام گھٽ آھي ۽ ٿورڙي تعداد ۾ اڃا تائين کيرٿر ۾ آھن. چنڪارا ھرڻ ۽ ڪاري ھرڻ جي آھستي آھستي گم ٿيڻ جي ڪري بنان ڪنھن شڪ شبھي جي اھو چئي سگھجي ٿو تہ ايشيائي چيتو پڻ انھن جي ڪري ختم ٿي ويو. سنڌ گھر آھي سره جو، جيڪو اڄ ڪلھ کيرٿر جبل ۾ ڪافي تعداد ۾ ملي ٿو. (سرھن جو اندازًا تعداد 1200) گڍ دادو ۾ ڪافي تعداد ۾ ملي ٿو، پر ان کي تحفظ ڏيڻ ضروري آھي. جيئن سڱن وارو ھرڻ، جيڪو سنڌ ۾ مري (Murray) سن 1884ع ۾ ڏٺو ھو، سو اڄ ڪلھ آھي ئي ڪونہ، ۽ سانڀر وانگر ختم ٿي ويو آھي. سوئر جيڪو سنڌ ۾ عام آھي، سو ڏينھون ڏينھن دريائي ٻيلن ۾ وڌندو رھي ٿو ۽ فصلن لاءِ مصيبت آھي. گورخر جيڪو ڪڇ جي رڻ ۾ تمام ٿوري تعداد ۾ وڃي بچيو آھي (اندازًا 20 يا 30) سو اڻلڀ ٿيڻ وارو آھي.
ڇلر (Pholidota): ڇلو مرون لاڙ ۾ ٿئي ٿو، پر آھستي آھستي گھٽبو پيو وڃي ۽ ھاڻي اڻلڀ ٿيندڙ جانورن جي فھرست ۾ شامل آھي. سنڌ ۾ مم ۽ ڀولڙي جو ڪوبہ قسم نہ ٿيندو آھي.[13]

سنڌ جا پکي

سنڌ جي پکين ۾ مخصوص خاصيتون آھن، جيڪي جاگرافيائي بيھڪ ۽ طبعي حالتن جي ڪري ٿيون آھن. سنڌو ماٿري ھڪ ’رڻ‘ وسيلي ھندستان کان ڌار ٿيل آھي، جنھن ڪري ھندستان جا مشھور پکي ھتي ڪين ٿين. ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان، ٻين علائقن جھڙوڪ ڏکڻ يورپ، اتر اوڀر آفريڪا، عرب ۽ ايران جي پکين لاءِ کليل آھن. سنڌ جون ڍنڍون ۽ ڌٻڻون، ۽ ان طرف پکين جي لڏي اچڻ جي رستن جي موافقت ڪري سنڌ پکين لاءِ سياري جو گھر آھي.

ھيوم (Hume) پنھنجي ڪتاب اسٽري فيدرس (1873ع) ۾ پکين جا 2500 قسم ڄاڻايا آھن، جن جون 25 جنسون آھن. ائٽڪن (سن 1872ع) ڪل 400 جنسون ٻڌايون ۽ ساڳئي وقت ايٽس (Eates). سورلي جي سنڌگزيٽيئر ۾ 426 جنسون ڄاڻايون، جن مان 177 مڪاني ۽ باقي لڏي ايندڙ يا سانگي پکي آھن. سنڌ جي پکين جو تفصيلي بيان ھن مقالي جي دائري کان ٻاھر آھي. مختصر طور سنڌ ۾ ٽن قسمن جا ’پيڻ‘، 2 پيٽيئر (Cormorant)، 6 ٻگھ ۽ ڪانئرا، ھڪ لاکي ڄاڃي، 11 سانھ، 26 ھنجھ ۽ بدڪون، 17 سرڻيون، عقاب ۽ ڳجھون، 6 ڪونجون، 5 تتر ۽ ڀؤنتريا، 6 ٻاٽيڀڙ، 5 باز، ٽٽيھر، پلوور (Plover)، ڦوليارو، چيھو، ڪينو، ٽرن (Tern)، بي ايٽر (Bee eater)، ڪاٺ ڪٽو، ڪنگري، سانھڙو، چنڊول، سينڊ مارٽن (Sand Martin)، وھيو، بلبل، کٽياڻي، شرائيڪ (Shrike)، ٿريش (Thrush)، سينڊ پائپر (Sand Piper) وغيره قسم طور عام ملن ٿا.

ڏاڙھي واري ڳجھ کيرٿر جي مٿانھن پٽن ۾ ملي ٿي. سنڌ ۾ جيڪي 6 ٻاٽيڀڙ ملن ٿا، تن مان سواءِ ڳٽو (Largepin Tailed) ۽ امپريل (Imperial) جي سڀ مڪاني آھن. چڪور (Chukor) سنڌ جي مٿانھن پٽن جو تتر آھي. ھندستاني تلور جيڪا اڳ ٿر ۾ عام ھئي، سا ناياب آھي. ھوبارا تلور (Houbara Bustard) بہ ناياب ٿيندي وڃي. فلوريڪن (Florican) جا سن 1875ع تائين عام ھئي، سا بھ ناپيد آھي. سفيد ھنجھھ پڻ منڇر ۾ ملي ٿو. ڪومب بدڪ بہ سنڌ جي ڏکڻن اوڀر ۾ ملي ٿي. ننڍڙو ھنجھ ۽ آڙي پڻ ٿورن حصن ۾ ملن ٿا.

بيڪل آڙي (Baikal of Cluckingteal) پڻ سنڌ ۾ ڪڏھن ڪڏھن اچي ٿي. گولڊن آئي (Golden Eye) ۽ چيڪلو صرف ٻن جڳھين، اوڀر ناري ۽ منڇر ۾ ملن ٿا. ڀؤنتريو ھڪ موسمي پکي آھي، جيڪو حب ندي جي آسپاس رھي ٿو. باقي عام ڀؤنتريو (Rain Quail) ڪچي جي علائقن ۾ رھي ٿو. ’مور‘ حيدرآباد ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ملي ٿو.

واديءَ مھراڻ ٻگھن، سانھھ، ڪانئرن، ڪينو، پيڻ، اگريٽس (Egrets) جي جنت آھي. ھنن جي آنن لاھڻ جون جايون تباه ٿي چڪيون آھن، ۽ ان سان گڏ شڪارين جي ڪري ڪيترا پکي منتشر ٿي ويا آھن. صرف 15 قسمن مان 6 نظر اچن ٿا. اھي سڀ پکي ڌٻڻ وارن ٻوٽن ۾ ئي گذارو ڪن ٿا.[14]

رڙھندڙ جانور يا سرڻا

سرڻا سنڌ ۾ عام طور ملن ٿا. آبھوا جي موافق ھئڻ ڪري ڪيترا ئي قسم، خصوصًا سانڊا ملن ٿا. ڇو تھ اھي پيلياآرڪٽڪ تائين محدود آھن. واڳون جيڪي ڪنھن زماني ۾ سنڌو درياءَ ۽ ڪن پراڻن ڦاٽن ۾ ھوندا ھئا، سي بہ کلن جي واپارين ڪري ناپيد آھن. ڌٻڻ وارا واڳون (Marsh crocodile) جيڪي ڪنھن وقت ۾ سنڌو درياءَ، ڍنڍن ۽ ڦاٽن ۾ ڏٺا ويندا ھئا، سي پڻ گھڻي ڀاڱي ختم ٿي ويا آھن، سواءِ ھاليجي ڍنڍ جي.[15] سنڌ جي ڍنڍن ۽ تلائن ۾ مٺي پاڻي جي ڪڇئن (Turtle) جا چار نرم کلن وارا قسم ملن ٿا. اھي ۽ ساڳئي وقت سائي رنگ جي سامونڊي ڪُمين جا قسم پڻ اقتصادي حيثيت رکن ٿا. ڇاڪاڻ تہ ولايت ۾ کاڌي طور استعمال ۾ اچن ٿا ۽ سندن کلون ڳھن ۽ ھار سينگار جي بہ ڪم اچن ٿيون. سڪي جا ٻن قسمن جا ڪڇئون ۽ مٺي پاڻيءَ جا چئن قسمن جا ڪڇئون ملن ٿا.

سانڊن ۾ 11 قسم ڪرڙي (چچين) جا، ھڪيو بليفريس (Eublepharis) اٺ اگامڊس (Agamids)، ٻھ مانٽر (Monitors) يعني ڳوھون، پنج خاص قسم جا سانڊا ۽ ڏھھ اسڪنڪس (Skinks). سنڌ ۾ ڪوبھ شيميلان (Chameleon) ڪون ٿئي. ٿلھي پڇ واري ڪرڙي جو قصو دلچسپ آھي. اھا سنڌ جي خطرناڪ ”ھڻ کڻ“ آھي، جيتوڻيڪ اھا نقصانڪار ناھي. ’ڳوھن‘ جا ٽي قسم سنڌ ۾ ملن ٿا، جيڪي کلن جي واپارين جي ڪري ناياب ٿيندا وڃن. سنڌ ۾ ماڻھو انھن جي کلن مان طنبورا ۽ دھل ٺاھيندا آھن.[16] نانگن جي 43 قسمن مان 21 زھر کان خالي آھن. زھريلي قسمن ۾ چئن قسمن جا ڏند پويان وريل آھن ۽ باقي قسمن جا ڏند اڳيان وريل آھن، جن ۾ زھر ڀريل رھي ٿو. ڏند اڳيان وريل 18 قسمن مان 13 سامونڊي، 2 پِيَڻ، ھڪ واسينگ ۽ ٻھ کَپر آھن. انھيءَ سلسلي ۾ ھندستاني پيڻ جا ٿر ۾ ملي ٿي، سا قابلِ ذڪر آھي. عام چوڻي مطابق اھا پيڻ رات جو سمھڻ مھل ماڻھو جي ڇاتيءَ تي چڙھي، سندس وات ۾ زھر وجھي ھلي ويندي آھي. اھو ماڻھو گلي ۾ سخت سور جي باعث صبح کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندو آھي. پيڻ خطرناڪ بلائن مان ھڪ آھي، جا ڏنگي ٿي. جيئن تھ زھر، انسان جي تنتي سرشتي تي اثر انداز ٿئي ٿو، ۽ ماڻھو جي ساه کڻڻ واري نليءَ کي نقصان ٿو رسائي، تنھنڪري ڏنگيل ماڻھو ساه جي گھٽ سبب مري وڃي ٿو. کپر جو زھر، دل ۽ رت تي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ رت جي بيجا زبان (جسم جي اندران ۽ ٻاھران) ٿيڻ ڪري موت واقع ٿئي ٿو.[17]

مڇيون

سنڌ جو سامونڊي ڪنارو، جنھن تي مڇي مري ٿي، سو 120 ميل تائين پکڙيل آھي، جنھن ۾ ڪيتريون کاريون ۽ ڍوريون آھن. درياءَ جو ڇوڙ ڦرندو رھي ٿو. پراڻا واه جھڙوڪ پراڻي ڦليلي، گھارو ۽ بگھاڙ اڄ بھ موجود آھن. سال 1819ع واري زلزلي درياءَ جي ڇوڙ ۾ ڪافي ڦيرڦار آندي. ڊي (Day) 224 مڇين جا قسم ڄاڻايا آھن، جن مان 160 سامونڊي ۽ 64 مٺي پاڻي جون آھن. صوفي (1957ع) ڪينجھر ڍنڍ مان 33 قسمن جون مڇيون ظاھر ڪيون آھن، جن ۾ 14 قسم پسنديده غذا جي اھميت رکن ٿا. سامونڊي مڇين جي خاص قسمن ۾ ڀوريون ۽ ڪاريون پاپليٽ، سرمائي سالمان (Salmon)، سول (Sole)، سارڊين (Sardine) ۽ بمبئي ڊڪ (Bombay duck) مشھور آھن.[18] پلو جيتوڻيڪ سامونڊي آھي، پر آنن لاھڻ لاءِ سنڌو درياءَ جو رخ ڪري ٿو. ھن جي سمنڊ مان لڏپلاڻ فيبروري ۽ مارچ ڌاري ٿئي ٿي. اھا مڇي ذائقيدار ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ ان ۾ تمام گھڻا ڪنڊا ٿيندا آھن. پاڻيءَ جي قلت ۽ بئراجن جي ٺھڻ سان پلي جي افزائش تي تمام گھڻو اثر پيو آھي. ان لاءِ ڪو وقتائتو قدم کڻڻ گھرجي تھ جيئن ھن لذيذ مڇيءَ کي بچائي سگھجي.

سنڌ جي 64 ڍنڍن، ڍورن ۽ تلائن ۾ ملندڙ مڇين مان ڪُرڙو، موراکي، ٿيلھي، کڳو، سينگاري، ڄرڪو ۽ گندڻ تمام شوق سان کاڌيون وڃن ٿيون. وڏيون ڍنڍون جھڙوڪ ڪينجھر، منڇر ھڏيرو ۽ ھاليجي، مڇين سان ڀرپور آھن. منڇر ڍنڍ جي گھٽجندڙ ايراضي افسوسناڪ آھي، ۽ ان لاءِ ڪو تڪڙو قدم کڻجي. ان جي سڪڻ ڪري پاڪستان ۾ پروٽين جو عظيم ذريعو ناپيد ٿي ويندو. ان سان گڏوگڏ اھي ڍنڍون، لکين لاڏائو پکين جو مندائتو گھر آھن.

(Amphibia) ڏيڏرن جا ٽي قسم آھن ۽ ان کان سواٰءِ ٽوڊ (Toad) جا ٻھ قسم سنڌ ۾ ملن ٿا. جانور، انسان ذات جي وايومنڊل جو ھڪ حصو آھن ۽ انسان وانگر ارتقا جو نتيجو آھ.[19]

سنڌ جي مردم نگاري ( ڊيموگرافي)

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي مردم نگاري

آباديءَ جو مطالعو- مردم نگاري، (Demography )علم آبادي- آبادي اڀياس- مردم نگاري- ماڻهن جي آدمشماري جو اڀياس، جنهن ۾ هنڌ، گهاٽائي، عمر، پکيڙ، جنس، نسل، ڌنڌو ۽ ٻيا شمارياتي انگ اکر ڏنل هجن. [20]

سنڌ جا ضلعا

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جا ضلعا

تاريخ

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي تاريخ

سنڌ جآڳاٽو سنڌ ديس قه گهڻو وسيع هو، جنهن کي ’سپت سنڌو‘ ڪري چوندا هئا. ڇو ته ان مان مکيه ست نديون وهندڙ هيون. اهي هي آهن: شتدرو (ستلج)، پرشڻي (راوي)، اسڪني (چناب)، وتستا (جهلم)، ارجڪئا (بياس)، سوما(وهندا) ۽ ”سنڌو“.آڳاٽي زماني ۾ ’سنڌو‘ جي معنيٰ ’ساگر‘ هو. مهاڀارت، رامائڻ ۽ ٻين شاسترن ۾ به اهو شبد وري وري اچي ٿو. عجب اهو آهي ته ٻين سڀني ندين جا نالا بدلجي ويا آهن، مگر ”سنڌو“ نالو اڄ تائين دائم قائم آهي. اڄ جڏهن ’رام باغ‘ کي ’آرام باغ‘ مسلمانن ڪيو آهي؛ ۽ ٻئي طرف ’درگاهه_بزار‘ کي ’درگا_بزار‘ هندن ڪيو آهي، تڏهن به مجال نه آهي جو هن ’سنڌو‘ نالي سان ڪا هٿ چراند ٿي سگهي. اهڙيءَ طرح سنڌوءَ جي اولهه مان وهندڙ ٻيون ست نديون به هيون، ترشڻا (تربو)، سسرتي (سراستر)، روسا، شوپتي (Swqi)، (ارجني)، ڪنڀا ( ڪابل)، گومتي ۽ ڪرم- ان طرح اتر اولهه کان وهندڙ هيون، آرڻاوتي‘ هرڻمئي، واجني وتي، سيلملوتي، ايڻي ۽ چترا، ’هرڻمئي‘ نديءَ جي هاڻوڪي وهڪري مان 1940ع ڌاري، هڪ سنڌيءَ انجنير ڪوٽيا جي ڀرسان ظاهر ڪيو هو ته ڪيئن اتي جا ماڻهو ان جي لَٽَ مان [سون جا ذرڙا ٿا ڪڍن. آڳاٽيءَ سنڌيءَ ۾ ’سون‘ کي ’هُرَن‘ چوندا هئا.] جنهن مان سنسڪرت شبد ’سورن‘ نڪتو جو اڄڪلهه سون چيو وڃي ٿو، ’هُرَن‘ (سون) جي نسبت سان، ان نديءَ کي ’هرڻمئي‘ چوندا هئا. قديم زماني ۾ ’سپت سنڌوءَ‘ جو الڳ کنڊ هو، جنهن جي چوگرد سمنڊ هو. هاڻوڪو’سامڀر‘ جي ڍنڍ ۽ سنڌ ۾ ’ڍليار‘ جي سڪل ڍنڍ، ان سمنڊ جا نشان آهي. ڪو زمانو هو جو جهرڪن وارو ٽڪر ۽ ٻڌڪا ٽڪر پاڻ ۾ گڏيل هئا. ۽ سنڌو ندي ان وچ مان پنهنجو رستو ٺاهيو هو. اڄ تائين به ان ڀيڻيءَ تي اٽڪل جهرڪن جي سامهون اهڙو هنڌ آهي جتي سنڌو نديءَ جو ترو پٿرائون آهي، ٻنهين ڪپن جي پٿرائين ۽ سوڙهي لنگهه مان درياءُ به تانگهو آهي، تنهنڪري سندس وهڪرو تيز هوندو آهي. سنڌ ۾ ان زماني جون نشانيون جڏهن ڪه انسان اڃا غفائن ۽ غارن ۾ رهندو هو؛ سي صرف ان منڇر جي آس پاس ئي ملن ٿيون. سو سنڌ ڀارت جو هڪ اهم دروازو ۽ نگهبان پئي رهيو آهي. عربن ان کي ’باب الهند‘ به ان ئي نسبت سان پئي ڪوٺيو آهي. ان چوڻ ۾ به ڪو مبالغو ڪين آهي ته ”ڀارتي سڀيتا جي شروعات سنڌ کان ٿي.“ ويدن جي رچنا، سنڌوءَ جي پوتر ڪنٺن تي ٿي. ساڌ ٻيلي جو پراچين اتهاس جا چيو ته نهايت ئي اوچ آهي. شري رامچندر جي ڏاڏي ’يياتي‘ جي ڪل مان راجا ’اشيز‘ جي پنجن پٽن ’ورشادرو‘، سوير‘، ’ڪيڪئه‘، ’مدرڪ‘ ۽ ’شبيءَ‘، ”سنڌوءَ“ جي ڪناري تي پنهنجن نالن سان ملڪ وسايا. هي اهو راجا ’شبي‘ هو جنهن پنهنجو شرير، ڳڀا ڳڀا ڪرايو هو. ۽ جنهن جي ملڪ جو نشان اڄ تائين ’سبي‘ قائم آهي. اهو ’ڪشيپ‘ جي وڏي پٽ ’پرهلاد ڀڳت‘ جي چئن ڀائرن مان وڏو هو. ’هرڻ ڪيشپ‘، ستجڳ ۾ ٿي گذريو آهي ۽ راجا ’دکيه پر جا پتيءَ‘ جو ڏوهٽو هو. جنهن جي راڄڌاني ملتان ۾ هئي. ان کي تنهن وقت ’ڪيشپ پري‘ ڪري چوندا هئا.ي تاريخ جو آغاز عام طرح سان راء گهراڻي کان ٿئي ٿو. جنهن جا ماخذ چچ نامو ۽ شاهنامو آهن. چچ نامي مطابق راء گهراڻي کان بعد برهمڻ گهراڻي جي صاحبي شروع ٿي. جنهن جو خاتمو 712ع ۾ مسلمانن هٿان ٿيو. ان کان بعد سنڌ تي مسلسل مسلمان بادشاھ حڪومت ڪندا رهيا. تان جو 1843ع ۾ انگريزن هٿان اسلامي دؤر جو زوال ٿيو.[7]

اسلام جي آمد کان آڳاٽي سنڌ

ديم زماني جي اوائل ۾ سنڌ جو رڳو الهندي طرف وارو جابلو ڀاڱو وسيل هو ۽ ان وقت جي ماڻهن (ڪولن وغيره) جي سڀيتا جو مرڪز سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي وارو پاسو هو. نئين هجري زماني جي سڀيتا جا اهڃاڻ ٺٽي ۽ ڪوٽڙيءَ کان وٺي روهڙيءَ تائين مليا آهن. ڀائنجي ٿو ته ٺٽي وٽان سمنڊ هٽڻ ڪري اهي پٽ پڌرا ٿيا هئا، جنهنڪري نئين هجري زماني ۾ ماڻهو انهيءَ پاسي به رهي سگهيا ٿي. نئين هجري زماني جا بانيڪار دراوڙ لوڪ چوڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ زماني جي نشانن ڳولي لهڻ جو ڪم سنڌ ۾ پهريائين پهريائين مسٽر ڪارٽر آءِ. سي. ايس. ڪيو هو. سن 11-1919ع ڌاري هو صاحب سنڌ ۾ آيو ۽ ڳچ وقت ٺٽي ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر هو. سن 1917ع ڌاري حيدرآباد سنڌ جي ميونسپالٽي سسپينڊ ٿي، ته هو ميونسپل ڪمشنر مقرر ٿيو هو؛ پر هن قسم جي کوجنائن جو خفت گهڻو هوندو هوس. جيڪي کوجنائون ڪندو هو، تن جا نتيجا ڪراچي ۽ بمبئي جي انگريزي اخبارن ۾ لکندو هو. سندس ليک مصنف پاڻ پڙهيا هئا. ويجهڙائيءَ ۾ معلوم ٿيو ته هو صاحب پنهنجي کوجنائن جون رپورٽن وارو احوال مسٽر هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“ (The Antiquities of Sindh) ۾ ڏنو آهي جنهن جو مختصر مطلب هتي ڏجي ٿو ڪراچيءَ کان ويهه ميل پري.مول“ نالي ماٿر ۾ مسٽر ڪارٽر ڏٺو ته هڪ هنڌ پٿرن مٿان پٿر سٿي ٿيا پيا هئا. انهن پٿرن تي ڪي چڪرا ۽ اُٺ ۽ گهوڙي جون شڪليون اُڪريل هيون. انهيءَ هنڌ کي پاڻ ”ٺل“ ڪوٺيو اٿس. مسٽر ڪارٽر جي خيال موجب اهو ٺل عيسوي سن کان فقط ڏيڍ سؤ کن ورهيه اڳ جو آهي؛ پر انهي ساڳيءَ ماٿر ۾ نئين پٿر واري زماني جي ماڻهن جي بيٺڪ جا نشان به ڏٺائين. انهيءَ زماني جا پٿر جا ٺهيل ڪيترا اوزار به لڌائين. ائين هو صاحب کوجنائون ڪندو ويو، ته نئين پٿر واري زماني جون بيٺڪون ڪراچيءَ کان وٺي اُنڙپور تائين ڏٺائين. هيڏانهن وري ننگر ٺٽي جي پريان، ڳوٺ گجي واريءَ واٽ تي ٿرڙيءَ وٽ، نئين پٿر واري زماني جو عجيب طرح ٺهيل هڪ شهر نظر آيس، جنهن جي چوڌاري ڀتيون ڏنل هيون. انهيءَ هنڌان توڙي جهرڪن طرف ٻڌڪن ٽڪرن مان، انهيءَ زماني جا پٿر مان ٺهيل اوزار وغيره به هٿ آيس.ويجهڙائيءَ ۾ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن به اهي پاسا جاچيا، تنهنڪري نئين پٿر واري زماني جي بيٺڪن جو ذڪر سر جان مارشل به پنهنجي جوڙيل ڪتاب مهن جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا جي جلد پهرئين صفحي 92 ۾ ڪيو آهي. ان صاحب جو چوڻ آهي ته نئين پٿر واري زماني جا نشان سنڌ ۾ لڪيءَ جي جبلن، کرٿر جبل جي قطارن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ به اڪيچار آهن. مطلب ته هن زماني ۾ نه رڳو سيوهڻ وارو پاسو وسيل هو؛ پر سنڌ جي اُڀرندي طرف وارين ٽڪرين يعني ٺٽي ۽ جهرڪن وارن ٻڌڪن ٽڪرن ۽ اُنڙپور کان وٺي روهڙيءَ وارين ٽڪرين وارو پاسو به وسيل هو[21]قديم زماني ۾ سنڌ جو راجا سونيه ڀاوييه (Svanya Bhavya) هو، جنهنجي راڻيءَ جو نالو روماسا هو. اِهو راجا ”ڪروي“ (Krivi) آرين مان هو، جي پوءِ پنچال سڏجڻ ۾ آيا، جيئن شتپٿ براهمڻه (13، 5، 774) ۾ ڄاڻايل آهي. اِنهن مان ڪي سنڌونديءَ جي ڪناري تي، ته ڪي ”اَسڪني“ (Healing) نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، جا سڪندر اعظم جي وقت ۾ چندر ڀاڳ“ (Moon-Portion) سڏبي هئي، ۽ هاڻ ”چناب“ (The gathered Waters) ڪوٺجي ٿي. سندن ڏورانهان سوٽ پرو ۽ ڀرت آريه لوڪ هئا، جن سان راجا سوُداس لڙيو هو. مسٽر پارجيٽر اٽڪل روءِ ڄاڻايو آهي ته راجا سوُداس ۽ سندس ڏاڏي راجا دوداس جي وچ واري وقت ڌاري سنڌ جو راجا سونيه ڀاوييه ٿي گريو. +هن موجب چئبو ته ڏهن راجائن واري لڙائي سنڌ جي هن راجا جي وقت کانپوءِ لڳي هئي. راجا سوُداس ترستو آرين مان هو، جن پراڻن پٽاندر پوءِ پنچالن جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا، ۽ سنڌ جو راجا سونيه ڀاوييه به پنچالن مان هو، تنهنڪري ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو، ته سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه ڀاڱي ۾ اُن وقت پنچالن جي گڏيل حڪومت هوندي هئي. سنڌ جو راجا سونيه، راجا ڀاوييه جو پٽ، وڏو ڌرماتما هو. سندس ساکون ڪاڪشون نالي هڪ رشيءَ ڳايون آهن. اهو رشي ڄائي ڄم کان سورداس يا اکين کان سڄو هو؛ پر پوءِ اَگني ديوتا جي پوڄا ڪرڻ سان نور سهائو ٿيو هيس. اِنهيءَ کانپوءِ ڪيتريون رچنائون (Hymns) چيائين، جي رگ ويد ۾ ڏنل آهن. نيتي منجري ۾ لکيل آهي *- ته ڪاڪشون پنهنجي گروءَ وٽان هر طرح جي وديا پرائي، گهر ڏي موٽيو ته واٽ تي رات پئجي ويس، جنهنڪري واٽ تي ئي سمهي پيو. صبح جو سنڌ جو راجا، راجا سونيه ڀاوييه پنهنجي اَٽالي سان اُتان اچي لانگهائو ٿيو. هن کي رشيءَ جي شڪل شبيهه ۽ سونهن سوڀيا وڻي ويئي. سو کيس ننڊ مان جاڳايائين ۽ پنهنجي محلات ڏي وٺي ويس. سندس حال احوال وٺندي ۽ هلت چلت جاچيندي، جڏهن خاطري ٿيس، ته هي هر طرح لائق انسان آهي، تڏهن پنهنجو ناٺي ڪيائينس. راجا کي ڏهه نياڻيون هيون، سي ڏهه ئي پرڻايائينس، ۽ ججهو ڌن مال ڏنائينس. هو پوءِ پنهنجي پيءُ وٽ ويو، جنهنجو نالو ”درگهه گمس“ (ڊگهي اوندهه) هو. راجا وٽان ججهو دان مليو هيس، تنهنڪري سندس دان اَستتي ڳايائين، جا رگ ويد جي منڊل پهرئين (26، 1-5) ۾ ڏنل آهي. اِنهيءَ دان اَستتيءَ ۾ راجا سونيه ڀاوييه جي نالي جيڪي چيو اٿس، تنهن جو مختصر مطلب هيءُ آهي: ”سنڌ جي راجا مون کي هڪ سؤ نِشڪ (سونا سڪا)، هڪ سؤ گهوڙا، هڪ سؤ ڏاند، هڪ هزار ۽ سٺ ڳئون، ۽ يارهين رٿ ڏنا، (ڏهن زالن لاءِ ڏهه رٿ ۽ يارهون رٿ ڪاڪشون رشيءَ لاءِ. هر هڪ رٿ ۾ چار چار سنڌي گهوڙا ٻڌل هئا، جن تي موتين سان جڙيل سنج هئا. سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه هيترو سارو دان ڪري پاڻ کي اَمر ڪري ڇڏيو آهي“. ڪاڪشون رشيءَ جي هن ٿوري حوال مان گهڻيون ئي ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون:

  • پهرين ۽ مکيه ڳالهه هيءَ آهي ترگ ويد واري زماني ۾ ذات پات جو گهڻو ڀيد هئو ئي ڪونه، تنهنڪري جنهن کي جتان وڻندو هو، سو تتان پرڻبو هو. آڳاٽا رشي کترين مان به پرڻبا هئا، جيئن ڪاڪشون رشي سنڌ جي راجا جون نياڻيون پرڻيون. ڪاڪشون رشيءَ جي ماءُ جو نالو ”اُشِج“ هو، جا راجا اَنگ جي هڪ داس يا ٻانهي (شودر) جي نياڻي هئي، جنهنڪري چئبو ته ڪي رشي شودرن مان به پرڻبا هئا.
  • هڪ مرد گهڻيون زالون پرڻبو هو، تنهنڪري ڪاڪشون رشي ڏهه راجڪماريون گڏ پرڻيون هو.
  • گهڻين زالن پرڻجڻ جي رواج ڪري، هرهڪ مان ڄاول ٻار پنهنجي ماءُ جي نالي پٺيان سڏبو هو، ته سڌ پوي ته پيءُ جي ڪهڙيءَ زال مان پيدا ٿيل آهي، رگ ويد ۾ ڪاڪشون رشي ”اؤشِج“ يعني اُشِج جو پٽ سڏيو ويو آهي.<>
  • نياڻين اُڪلائڻ ۾ مائٽن جو هٿ هوندو هو.
  • آڳاٽا لوڪ پنهنجي نياڻي ڪنهن سان پرڻائيندا هئا، ته اُهو ”ڪنيادان“ ليکيندا هئا. وهانءَ مهل نياڻيءَ کي ڏاجو ڏيندا هئا، ۽ اُهو به ”دان“ ليکبو هو. مطلب ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي ڏيتي ليتيءَ جو رواج هو. رگ ويد جي منڊل ڏهين (سوُڪت 85) ۾ ڄاڻايل آهي ته سورج ديوتا جي نياڻي ”سوُريا“ جو وهانءُ سوم (چنڊ) سان ٿيو هو، ته ڪنئاريتن ججهي ڏيتي ليتي هلائي هئي. ديوتائن بنسبت ڏيتي ليتيءَ ۽ ڏاجي جون ڳالهيون رشين ڪيون آهن، تنهن مان ظاهر آهي ته خود ماڻهن ۾ ڏيتي ليتيءَ جو رواج هو، جنهن ديوتائن بابت به اِئين چيو اٿن. مطلب ته ڏيتي ليتيءَ جو رواج، جو هن وقت اسان وٽ آهي، سو رگ ويد واري زماني کان وٺي هلندو پيو اچي.
  • رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهو سون مارڻ سکيا هئا ۽ سونا سڪا به هئن، جي ”نِشڪ“ (Niska) سڏبا هئا.
  • سنڌ جو پرڳڻو ڀريو ڀاڳيو هو، جنهن ۾ چوپايو مال ججهو هو، سنڌ جا گهورا ناميارا هئا ۽ اُحي رٿن ۾ ٻڌندا هئا.
  • گهوڙن تي راجائون موتين سان جڙيل سنج وجهندا هئا، جنهنڪري چئبو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي راجائون پنهنجو شاهاڻو شان رکندا هئا. اُن وقت ئي غواص هوندا هئا، جي مهراڻ مان سپون سوجهي، آبدار موتي آڻيندا هئا.

رگ ويد جي اِنهيءَ ساڳئي منڊل پهرئين ۾ سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه جي ساراهه کانپوءِ ڪي تڪون سندس راڻيءَ ”روماسا“ بابت آهن، جنهن جي پيءُ جو نالو ”برهسپتي“ هو، (رگ ويد، منڊل پهريون، 126، 6-7). انهيءَ راڻيءَ جو مٿي ذڪر ڪيل دان اُستتيءَ سان ڪوبه لاڳاپو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. اينهيءَ سبب مسٽر گرفٿ، جنهن رگ ويد جا ڪي منتر انگريزي نظم ۾ ترجمو ڪيا آهن، تنهن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي راڻي روماسا بابت شايد ڪو راڳ عام هو، جنهن جون تڪون رگ ويد ۾ اچي ويون آهن. اِنهن تڪن ۾ فقط ايترو ڄاڻايل آهي ته هڪ لڱا راڻي روماسا هڪ نئين قسم جو ويس وڳو پهري چيو ته ”هن ويس ۾ مان جهڙي گنڌارڻ (قنڌار ديس جي اِستري) پيئي ڀانئجان.“ جي نالي پٺيان ”گنڌار“ (قنڌار) سڏبو هو. راڻي روماسا جي مٿين لفظن مان ظاهر آهي ته اينهيءَ قديم زماني ۾ ئي سنڌ جي ماڻهن جي قنڌار طرف جي رهاڪن سان گهڻي لهه وچڙهه هئي، ۽ راڻي روماسا کي سڌ هئي ته اِنهيءَ طرف جون زالون ڪهڙي قسم جي پوشاڪ پهرينديون آهن، جنهنڪري اِئين چيائين ته ”هن ويس ۾ مان جهڙي گنڌارڻ پيئي ڀانئجان“. جيڪڏهن گنڌار جي زالن جي پوشاڪ جي سڌ نه هجيس ها، ته اِئين چوڻ جو خيال هرگز نه اچيس ها. هن مان ايهو به پتو پوي ٿو ته اُنهيءَ وقت سنڌ جي زالن جي پوشاڪ جو نمونو هڪڙو ۽ گنڌار طرف جي آرين زالن جي پوشاڪ جو نمونو ٻيو هو. اِهي نمونا ڪهڙا هئا، سورگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي. اِنهيءَ هوندي به رگ ويد ۾ اُن وقت جي سڀيتا جو ٻيو ججهو ئي ذڪر آهي.[22]

سڪندراعظم جي سنڌ ۾ آمد: سن 327 ق.م ۾ يونان جو سڪندر مقدوني ڪابل ۽ سوات کان ٿيندو پنجاب ۾ آيو.پنجاب ۾ راجاپورس کي شڪست ڏئي، سنڌ مان لنگهيو. اُچ، بکر، نيرون ڪوٽ ۽ ٺٽي کان ٿيندو سنڌ مان ٿي هليو ويو. هن سنڌ جي راجا سامبس، جيڪو يادونسي ڪٽنب مان هو، کي شڪست ڏني. اُن کانپوءِ هن هڪ لشڪر خشڪي رستي سان پنهنجي هڪ سپهه سالار ”ڪرايٽرس“ جي اڳواڻي ۾ مولالڪ کان مڪران روانو ڪيو. ان ۾ هاٿي به هئا. ٻيو لشڪر، سامونڊي ٻيڙي ذريعي پٽالا ۽ ڀنڀور کان، سنڌوندي جي ڊيلٽا ۽ مڪران واري ڪناري ڏانهن روانو ڪيو. ان ٻيڙي جو امير البحر نيئرڪس هو ۽ ان ۾ يوناني، فنيقي ۽ مصري ملاح هئا. نيئرڪس کي مڪران جي ڪناري تي رهندڙ ميدن گهڻو نقصان پهچايو. سڪندر پاڻ سنڌ تي پنهنجي سپهه سالار ”پيٿان“ کي پنهنجو نائب مقرر ڪري پاڻ حب ندي4 جي اڀرندي علائقي کان ٿيندو، مڪران جي ڪناري تي پهتو، جتي ميدن سندس مقابلو ڪيو. آخر بابل ۾ پهچي وفات ڪيائين. وليم ونسينٽ، نيئرڪس جو جهازي سفر نالي ڪتاب مرتب ڪيو، جيڪو لنڊن مان 1797ع ۾ ڇپيو. ان ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حالتن ۽ قديم شهرن جو احوال ملي ٿو. نيئرڪس سنڌونديءَ جي ڊيلٽا جو ڪوري جي نار کان، ايراني نار تائين معائنو ڪيو هو. هن جيڪي ڪجهه ڏٺو، اهو قلمبند ڪندو ويو. سندس بيان تي مشتمل مذڪور ڪتاب ويلم ونسينٽ مرتب ڪيو. نيئرڪس جي جهازي سفر واري ڪتاب ۾ سنڌ جي شهرن جا جيڪي نالا ملن ٿا، اُهي آهن: اسڪلنده، سوگدي، موسيڪانوس، پٽالا، مينا ننگر ۽ مئوتا وغيره. وليم ونسينت ”سوگدي“ مان مطلب ”بکر“ ورتو آهي ۽ ”موسيڪانوس“ مان مراد ”سيوهڻ“ ورتي آهي موجوده دور جي ڪن تاريخدانن ”موسيڪانوس“ مان ”اروڙ“ ”سوگدي“ مان ”سيوهڻ“، ”اسڪلنده“ مان ”اچ“، ”پٽالا“ مان ”نيرون ڪوٽ“، ”مينا ننگر“ مان ”ٺٽو“ ۽ ”مئوتا“ مان ”ماهوٽا“ (ضلعو لاڙڪاڻو) مراد ورتي آهي. ”ڪننگهام،“ هندستان جي قديم جاگرافي ۾ لکيو آهي، ته ”سنڊيمانا“ شهر وٽ جابلو قومن جي راجا سامبوس سڪندر جو مقابلو ڪيو. مسٽر جي. ڊبليو. سمٿ گزيٽيئر ۾ ڄاڻايو آهي ته ”سامبوس“ مان مطلب آهي ”سمو“ يعني اهو راجا ذات جو ”سمو“ هو.[23]بشاري مقدسي، احسن التقاسيم ۾ لکيو آهي: ”هي ملڪ تجارت جو اهم مرڪز آهي. هتي سون، جڙي ٻوٽين، دوائون، مصري ۽ چانور گھڻي تعداد ۾ ٿين ٿا. عجائبات به تمام گھڻا آهن. شيون سستيو ۽ گھڻيو آهن. ڪتل ۽ ڇونهارا به گھڻي تعداد ۾ ٿين ٿا. ماڻهن ۾ عدل. انصاف ۽ سياسي شعور آهي. هتي اهڙيون شيون لهن ٿيون، جيڪي ٻئي هنڌ ڪو نه ٿين ٿيون. بازارين ۾ قسمين قسمين سامان وڪامي ٿو. واپاري وڏو نفعو ڪمائين ٿا. سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ (منصوره) اهم ۽ بلند مرتبه شهرآهي. ان کان سواءِ ٻيا به عمدا شهر ۽ اهم مرڪز آهن. ماڻهو ايماندار ديانتدار۽ امن ۽ عافيت سان زندگي گذاريندڙ آهن. ڏاکڻو حصو سمنڊ سان ملي ٿو. هڪ درياءُ ان جي وچان لنگهي ٿو. ملڪ جي وڏي ايراضي ميداني آهي. پوک گهڻو ڪري برسات تي ٿئي[24]

راء گھراڻو

راءِ گھراڻي جا حاڪم

برھمڻ گھراڻو

برھمڻ گھراڻي جا حاڪم:

ڏاھر جو جنگ ۾ موت ڏينھن خميس ماه رمضان 93 ھجري/712 عيسوي. مٿي ڄاڻايل انگن اکرن کان سواءِ فتحنامي ۾ ڪي ٻيون تاريخون پڻ ذڪر ڪيل آھن، جي ڪنھن بھ حالت ۾ صحيح ٿي نھ ٿيون سگھن. مثال طور ڄاڻايو ويو آھي تھ چچ سنڌ جو حاڪم ھجري 2 ۾ تخت تي ويٺو ۽ 35 سال سانده حڪومت ڪرڻ بعد ھجري 15 مطابق 636ع ۾ پڻ بدستور سنڌ تي حڪومت ٿي ڪيائين، جڏھن مغيره بن ابي العاص ديبل تي دريائي فوج سان حملو ڪيو ھو. جيڪڏھن چچ چاليھ سال حڪومت ڪئي تھ پوءِ سندس موت 20 ھجري مطابق 641ع ۾ ٿيو ھوندو ۽ سندس بعد جي حاڪم چندر 27 يا 28 ھجري بمطابق 647ع يا 648ع ڌاري وفات ڪئي ھوندي. ڏاھر جيڪو چندر جي مرڻ بعد تخت تي ويٺو ۽ فرض ڪريو تھ تاجپوشيءَ وقت سندس عمر 15 سال ھئي تھ پوءِ 93 ھجري مطابق 712ع ۾ سندس عمر 80 سالن کان بھ زياده ھئڻ گھرجي، جڏھن محمد بن قاسم سان جنگ ۾ وڙھندي مري ويو. ليڪن انھيءَ فيصلھ ڪن جنگ جا تفصيل فتحنامھ ۽ ٻين حوالن ۾ ڄاڻايل آھن، انھن مان اھو ظاھر ٿئي ٿو تھ ان وقت ڏاھر جوانمرد ۽ ڪافي ننڍي عمر جو ھو.

طبري ”درياء واري جنگ“ جيڪا مڪران ۾ لڳي ھئي، تنھن جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن ۾ سنڌ جي بادشاه جو حوالو ڏنو اٿس، جو 23 ھجري مطابق 644ع ۾ تخت نشين ھو. ھي حوالو تاريخي نقطھ نظر کان نھايت اھم آھي. ان حاڪم جو نالو ”راسل“ ڄاڻايل آھي. ڏسجي ائين پيو تھ سنڌ ۾ اھو نالو ان زماني ۾ عام مقبول ھو، ڇاڪاڻ تھ بلاذريءَ جي بيان ۾ اھڙا نالا ڪيترن ئي ماڻھن سان منسوب ڪيا ويا آھن، جن مان ڪوبھ سنڌ جو حاڪم ڪونھ ھو. پر ڇاڪاڻ تھ طبريءَ جيڪو ”درياءَ واري جنگ“ جو تذڪرو ڪيو آھي، ان جا تفصيل عجيب وغريب نوعيت جا آھن، انھيءَ ڪري ان ۾ ڪنھن بھ شڪ جي گنجائش ناھي تھ جنھن حاڪم کي ’راسل‘ سڏيو وڃي ٿو، اھو واقعي 23 ھجري مطابق 644ع ۾ سنڌ جو حاڪم ھو. گمان غالب آھي تھ طبري وارو ”راسل“ (راد راساھ) ٻيو نھ بلڪ راءِ سھاسي آھي، جو راءِ گھراڻي جو آخري تاجدار ھو. جيڪي دستاويزي ثبوت موجود آھن، تن جي مدنظر ۽ قابل اعتبار حوالن تي ڀروسو رکندي، سنڌ جي حاڪمن جي 4 ھجري مطابق 626 تائين، مختلف حڪمراني ڪرڻ واري مدت کي ھن طرح ترتيب ڏيئي سگھجي ٿو:
[25]

برھمڻ گھراڻو

  1. ڏاھر:13 سال: 80-93 ھجري مطابق 699-712ع
  2. چندر:ساڍا 7 سال:72-80 ھجري مطابق 691-699ع
  3. چچ :40سال:32-72 ھجري مطابق 652-691ع

عربن جو دور

سومرن جو دور

سمن جو دور

ارغونن جو دور

ترخانن جو دور

مغلن جو دؤر

ڪلھوڙن جو دور

ميرن جو دور

برٽش دور

پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌ جو ڪردار:سنڌ جي مسلمان ليڊرن جي ڪوشش سان اپريل يا مئي 1938ع ۾ سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو. 10، 11 ۽ 12 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ پاران، ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ جي هڪ وڏي ڪانفرنس سڏائي ويئي، جنهن جي صدارت قائداعظم مرحوم ڪئي. هن ڪانفرس جي موقعي تي گڏيل هندستان جي سمورن مسلم ليڊرن شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس کي پوءِ ”ڪراچي ڪانفرنس“ جي نالي سان سڏيو ويو. ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ واضح طور مطالبو ڪيو ويو، ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، اتي مسلمانن جي حڪومت بنائي وڃي، ته جيئن ٻئي قومون جدا جدا ۽ آزاد آزاد حڪومتون قائم ڪري سگهن. ان موقعي تي قائداعظم مرحوم تقرير ڪندي چيو: ”مون کي يقين آهي، ته سنڌ جو صوبو، هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ نمونو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هتي جي مسلمانن وڏي بيداري جو ثبوت ڏنو آهي.“

ان کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن پاڪستان جي تحريڪ ۾ وڏي جوش، جذبي ۽ ولولي سان حصو ورتو. سڄي هندستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي صوبائيءَ اسيمبليءَ سن 1943ع ۾ پاڪستان جي قيام جي ٺهراءُ پاس ڪيو، جيڪو محترم. جي ايم.سيد پيس ڪيو. ٻئي ڪنهن به صوبي جي اسيمبليءَ اهڙو ٺهراءُ نه اڳ ئي پاس ڪيو هو، ۽ نه پوءِ ئي ڪا اسيمبلي پاس ڪري سگهي.[26]

قيام پاڪستان کان پوءِ

سنڌيت

’سنڌيت‘ ايڏي ته وسعت واري آهي، جو ڪئين تهذيبون ۽ سڀيتا جا ڪئي نمونا جذب ڪندي ويئي. ايراني، يوناني، سٿين، هڻ، شاڪ، عربي، ترڪي وغيره ايتريقدر جو ويجهي وقت ۾ آيل ’اسلام‘به ٻين تهذيبن سان گڏجي، ڄڻ ’سنڌي تهذيب‘ سان ملي هڪ بنجي ويو. سنڌ جو اسلام، باقي دنيا جي اسلام کان نيارو ۽ صوفين ۽ سنتن جو پيارو آهي. ۽ اسلام جي اها تصوف مت، جا سنڌ ۾ پيدا ٿي، تنهنجو ويدانت سان وڏو سٻنڌ آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جو ’اسلام‘ آهي؛ تصوف ۽ ويدانت جو سنگم، جنهن ۾ نه وير نه وروڌ، نه تعصب نه فساد. هندو چون اڏيرو لعل، ته مسلمان سڏين شيخ طاهر! هندو چون لالو جئسراج، ته مسلمان چون پير منگهوپير، جنهن جي زيارت اڄ به موجود آهي. ان لاله جئسراج عرف منگهي پير لاءِ اها روايت به موجود آهي ته ملتان وارو غوث بهاءالحق والدين جلال سرخ، لال شهباز قلندر ۽ منگهوپير، چارئي پاڻ ۾ ساٿياري هئا. سندن چوياري ’سيوهڻ‘ ۾ موجود آهي. ان طرح منگهي پير وٽ به چوياري جا نشان موجود آهن. بهرحال اها روايت تاريخي طور ڪيئن به هجي، پر ان مان اهو ته پتو پوي ٿو، ته هت هندن ۽ مسلمانن جا پيرن، صوفين ۽ سنتن سان هڪجهڙا وسطا هئا. ان طرح هندو چون ’راجا ڀرتري‘ ۽ مسلمانن وٽ ’لعل شهباز قلندر‘ مشهور معروف آهي. ان طرح ’ستين جي آسٿان‘ (روهڙي)، کي سڀ سنڌي، بنا ڪنهن فرق ڦير جي مڃيندا هئا. اهي آهن بنيادي ڳالهيون جن ’سنڌو سڀيتا‘ کي نيارا رنگ بخشيا آهن. صوفي طريقي جنم ڀلي ڪٿي به ورتو، پر زور سنڌ جي زمين تي پڪڙيائين. ۽ اتيئي ڪامل ٿيو، ڇا لاءِ ته اتي اڳيئي اهي عناصر ۽ اثر موجود هئا. شاهه ۽ سواميءَ کي هر فرد هڪ نگاهه سان ڏسڻ لڳو، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم به سنڌ ۾ آيا. پر پنهنجو نج سڪو نه ڄمائي سگهيا. انهن کي به ’سنڌيت‘ جي سگهه سوگهو ڪري ڇڏيو. ايتريقدر جو هن ’ڀڳتي ڪال‘ ۾ ’سک پنٿ‘ به پنهنجو ’اڪالي روپ‘ سنڌ ۾ ڄمائي نه سگهيو. [7]

اسلام جو ڦهلاء

محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان بعد هتي اسلام جي پرچار شروع ٿي وئي. اسلامي حڪومت ۾ سنڌ واسين سان سهڻو ورتاء ڪيو ويو.. هندن کي پنهنجي مذهب مطابق هلڻ جي مڪمل آزادي هئي. ساڻن هر قسم جون رعايتون ڏنيون ويون. جنهن ڪري ماڻهو مسلمانن کان متاثر ٿيندي اسلام قبول ڪرڻ لڳا.

حضرت عمر بن عبدالعزيز پنهنجي عهد خلافت ۾ هندو سردارن ڏانهن اسلام جي دعوت موڪلي، جنهن تي ڪيترائي هندو راجا مسلمان ٿيا. انهن ۾ راجا ڏاهر جو پٽ راجا جيسيه به شامل هو.[27]

سنڌ جا حصا

هاڻوڪي سنڌ جي ايراضي 54 هزار چورس ميل آهي. جڏهن ته انگريزين جي قبضي هيٺ اچڻ وقت سنڌ جي ايراضي هڪ لک چورس ميل کان مٿي هئي. برطانوي راڄ هيٺ سنڌ جا ڪيترا ئي حصا هندوستان سان ملايا ويا. ڪجھه حصا پنجاب سان ملايا ويا ته ڪجھه حصا وري راجسٿان سان. پاڪستان جي قيام بعد سنڌ جي نصيرآباد ڊويزن کي نئين جڙندڙ صوبي بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي ايراضي گھٽبي رهي آهي. هن وقت به ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون سازشون زورن تي آهن. تازو ئي سنڌ جي نام نهاد بي اختيار وڏي وزير ارباب رحيم ڪراچيءَ جي 20 هزار ايڪڙ زمين پاڪستاني فوج جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ پاڪستاني حڪومت سنڌ جا ٻه ٻيٽ دبئيءَ جي خانگي ڪمپني امار کي وڪڻي ڇڏيا آهن.

سنڌ جو آبپاشي نظام

سنڌ ۾ واهن جو پهريون معمار ميان نور محمد ڪلهوڙو هو، جنهن سنڌو نديءَ جي ساڄي توڙي کاٻي ڪنارن تي واهَن ذريعي آبپاشيءَ کي فروغ ڏنو. 1719ع کان وٺي سنڌ جي اترئين علائقي ۾ واهه کوٽائڻ شروع ڪيا. ”گھاڙ واهه“ جون ٽي مکيه شاخون آبپاشيءَ جي هن عظيم معمار جي ڪري وجود ۾ آيون. ”نورو واهه“ تي به اهو نالو هن جي پٺيان پيو ۽ ”شاهه جي ڪَڙِ“ وري هن جي نامياري وزير شاهه بهاري کوٽايو هو. هن چانڊڪي پرڳڻي ۾ ٻيا به ڪيترا واهه کوٽايا هئا. ميان نور محمد جي وقت ۾ ”ڏاتي جي ڪر“ پنهنجي وقت جي هڪ دولتمند شخص ڏاتي کهڙي کوٽايو هو. اتر سنڌ ۾ ”بيگاري واهه“ جي مکيه شاخ ”نور واهه“ به ڪلهوڙن جي دور ۾ کوٽائي ويئي هئي. نوشهري ڊويزن ۾ ”نصرت واهه“ به ميان نور محمد جي وقت ۾ نصرت خان چانڊئي کوٽايو هو. ”مراد واهه،“ ”باگ واهه“ ۽ ”فيروز واهه“ به هن جي ٽن خاص ۽ مشهور درٻارين مراد ڪلهوڙي باگي سيال ۽ فيروز ويراڙ کوٽايا هئا. نصرت واهه جنهن ۾ انهن ٽن واهن جون ڪي شاخون اچي ٿيون وڃن. هاڻوڪي روهڙي ڪئنال جي هڪ مکيه شاخ بنجي پيو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ڪلهوڙن واهه کوٽائي سنڌ کي وڌيڪ آباد ۽ سرسبز ڪيو. هنن جا ٻيا به ڪيترا واهه کوٽايل مشهور آهن. انهن ۾ وڌيڪ مشهور حيدرآباد ضلعي جو سرفراز واهه آهي، جيڪو ڪلهوڙي حاڪم ميان سرفراز خان کوٽايو هو. ڪلهوڙا حاڪم واهن جي کوٽائي مرمت ۽ صفائيءَ تي تمام گهڻو خرچ ڪندا هئا جو سنڌ جي خوشحالي ۽ سرڪاري ڍلن جي جلد ۽ وقتائتي وصولي جو دارومدار آبپاشيءَ تي سمجهندا هئا. ان ڪري واهن ڏي تمام گهڻو ڌيان ڏيندا هئا، جنهن ڪري سندن دور جو خزانو ڀريل هوندو هو.[28]

بلوچستان قديم سنڌ جو حصو

تاريخي ثبوتن تي غور ڪيون ته خبر پوي ٿي ته بلوچستان جا اصل ۽ قديم رهاڪو سنڌي آهن. بلوچ ته خود بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي ۾ ٻاهران آيا آهن. بلوچن جي چوٿين صدي عيسوي ۾ بلوچستان ۾ اچڻ بابت ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ لکي ٿو ته: اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر انهن مڪران ۽ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي کان اچڻ شروع ڪيو هو، بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ هن خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جت گهڻي انگ ۾ رهندا هئا. (ڪتاب سماٽ ص نمبر 31)

مير رحيم داد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته: تاريخ ٽالپرن جي بيان ڪرڻ کان اڳ پڙهندڙن کي معلوم هئڻ کپي ته سنڌ ماٿري ۾ جيڪي بلوچن جي وجود کي ٽالپرن جي دور کان تسليم ڪن ٿا اهو تصور غلط آهي. بلوچستان دراصل سنڌ جو حصو آهي. (ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ ص نمبر 579)

ٻئي هنڌ مولائي شيدائي لکي ٿو ته: بلوچستان ۽ خراسان ٻئي اقليم سنڌ جا صوبا آهن. (ٽماهي مهراڻ اپريل-سيپٽمبر 1961ع)

احمد يار بلوچ لکي ٿو ته: بلوچستان ۾ بلوچن جي آمد مختلف گروهن جي صورت ۾ مرحليوار ٿي، قديم مسڪن ”حلب“ وشام مان هجرت جو آغاز تقريبن چوٿين صدي عيسوي ۾ ٿيو. (ڪتاب تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ ص نمبر 38)

صادق علي بلوچ لکي ٿو ته: زابلستان بلوچن جو قديم وطن آهي. (تاريخ بلوچان هند ص نمبر 40) موسيٰ خان جلال زئي لکي ٿو ته: تاريخ بلوچستان مان هي ڳالهه واضح ٿي ته جڏهن بلوچ قوم ڪرمان مان مڪران جي طرف مهاجر ٿي ته ان وقت انهن جو سردار جلال خان هو (تاريخ بلوچستان ص نمبر 16)

پيڪولين لکي ٿو ته: اڪثر بلوچ پنهنجو پاڻ کي عربن جو اولاد سمجهن ٿا ۽ حلب (شام) کي پنهنجو پهريون وطن چون ٿا. انهي طرح سان حلب بلوچن جو پيدائشي وطن آهي. (ڪتاب ”بلوچ“ ص نمبر 30 م – پيڪولين مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري)

ڪامران اعظم جنجوعه لکي ٿو ته: هي قوم قديم دور ۾ عربستان ۾ ڪربلا، دجله، فرات جي گودي ۽ حلب جي مرغزارن ۾ ۽ ايراني سرحد سان گڏوگڏ آباد هئي. (ڪتاب بگٽي قبيلا ص نمبر 48)

ڪامران اعظم اڳيان لکي ٿو: هڪ روايت مطابق جڏهن بلوچ حلب مان لڏپلاڻ ڪري ڪرمان ۾ آيا ته 44 فرقا هئا پر سڀ کان وڏو سردار اعلمش رومي هو (ساڳيو ڪتاب ص نمبر 55)

مٿيون سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ته بلوچستان قديم سنڌ جو حصو رهيو آهي. موجوده بلوچستان اڳ ڪيچ مڪران، لسٻيلا، قلات، سيوي (سبي)، وغيره جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ”مهر ڳڙهه جي تهذيب“ به اسان سنڌين جي آهي جيڪا 9 هزار سال پراڻي آهي. قلات ۽ لسٻيلا رياست جا حڪمران به بلوچ ڪون هئا. لسٻيلي جا حاڪم سما (سماٽ) رهيا آهن ۽ قلات جا حاڪم بروهي، جيڪي دراوڙي نسل جا سنڌي آهن. بروهين جو بلوچن سان ڪو به نسلي ۽ لساني تعلق نه آهي.

پاڪستان جي مرڪزي حڪومت 1964ع ۾ سنڌ جا ڪافي علائقا ڪٽي جهڙوڪ جهٽ پٽ، نصيرآباد، تعلقو اوستو، جعفرآباد، جهل مگسي، ڊيرا الهيار، مراد جمالي وغيره بلوچستان ۾ شامل ڪيا ويا.[29][30][31][32][33][34][35][36]

سنڌ بابت محققن ۽ مورخن جي راءِ

سنڌ جي سرزمين، علم، فن ۽ ٻين علمن جو پراڻي زماني کان سر چشمو رھي آھي. ھتي جا عالم ۽ فقيھه عالمي شھرت جا مالڪ رھيا آھن، جن جي علمي عظمت جو ڌاڪو ڏوران ڏيهه مشهور هوندو هئو. جنھن جي مڃتا، مشھور محققن ۽ مؤرخن به ڏني آهي. ابن صبعيه (Abu Sabeeya) لکي ٿو ته ”سنڌ وارن وٽ علم ۽ حڪمت جو وڏو ذخيرو موجود آھي. اهو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”يونان ۾ اھو سڄو ذخيرو سنڌ مان ويو.“ ابو معشر (Abu Muishir) لکي ٿو ته- ”سنڌ جي علم ۽ فن، حڪمت ۽ فلسفي ۽ ان کانسواءِ سڄي دنيا جي قومن کان وڌيڪ، سنڌين جي علم ڏانھن رغبت کي، دنيا جي سڀني قومن مڃيو آھي.“ اخبار الحڪماءِ ۾ آيل آھي ته ”دنيا جي سڀني قومن ۾، سنڌ علم ۽ حڪمت جو سرچشمو آھي ۽ سنڌ عدل ۽ سياست جو پھريون مرڪز آھي، اسان جي ملڪ کان پَري ھئڻ ڪري، سنڌ جا ڪتاب، اسان جي عالمن تائين گھٽ پھتا آھن، پر پوءِ به اسان وٽ جيڪو ڪجھ به آھي اھو تمام گھڻو آھي“ حضرت علي رضه فرمايو آھي ته ”سنڌ جي سرزمين اُھا علم ۽ برڪت واري زمين آھي، جتان علم ۽ عرفان جو سج اڀريو“.[37][38] پر افسوس جو پرتگالين سنڌ تي ڪاهه کانپوء مکليء ۽ ٺٽي ۾ سوين لائبرئرين (ڪتب خانن) ۽ يونيورسٽين (مدرسن) کي ساڙي ڇڏيو هو.

حوالا

  1. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. 
  2. "Percentage Distribution of Households by Language Usually Spoken and Region/State, 1998 Census." (PDF). Pakistan Statistical Year Book 2008. Federal Bureau of Statistics – Government of Pakistan. Retrieved 15 December 2009. 
  3. "Sindh (State, Pakistan)" at Encyclopædia Britannica Online
  4. "Provincial Assembly Seats". 
  5. "Government of Sindh". 
  6. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  7. 7.0 7.1 7.2 منو تولارام گدواڻي--سنڌيت؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  8. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  9. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  10. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  11. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  12. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  13. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  14. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  15. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  16. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  17. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  18. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  19. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  20. Demography | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون
  21. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  22. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page19.html.  Missing or empty |title= (help)}
  23. سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد ۱ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  24. سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد ۱ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  25. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز ،ڀٽ شاھسانچو:تاريخي سنڌو سنبت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  26. آزاديءَ جي تحريڪ ۽ سنڌي شاعري ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع
  27. جنت السنڌ
  28. سنڌ جا قديم سڪا سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جا سڪا (قسط 2) -- عبداللہ ورياهه؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد ۱ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  29. گريٽر بلوچستان ۽ تاريخي حقيقتون! | Affair - افيئر
  30. ڪتاب سماٽ ص نمبر 31
  31. ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ صفحو نمبر 579
  32. ٽماهي مهراڻ اپريل - سيپٽمبر 1961ع
  33. ڪتاب تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ صفحو نمبر 38
  34. تاريخ بلوچان هند صفحو نمبر 40
  35. تاريخ بلوچستان صفحو نمبر 16
  36. ڪتاب ”بلوچ“ ص نمبر 30 م – پيڪولين مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري
  37. مولانا گرامي صاحب سه ماھي مھراڻ 2- 1975 ص نمبر 210
  38. ڪتاب؛ سنڌ جي عالمن جا سونھري ڪارناما، ليکڪ؛ دادا سنڌي