آرڪٽڪ هوم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

پروفيسر مئڪس ملر ۽ ٻين جي انهيءَ راءِ هوندي به سنه 1851ع ۾ لئٿم صاحب، سنه 1868ع ۾ فڪ صاحب، سنه 1871ع ۾ بينفي، ڪيونو ۽ ٻين صاحبن وچ ايشيا واري نظريي جي برخلاف پنهنجو آواز کڙو ڪيو. پوءِ ته کوجنا جي دوربيني ايشيا کان ڦيرائي يورپ ڏي ڪيائون ۽ ڪجهه وقت هنگاري، آسٽريا ۽ بوهيما کي آرين جو اصلوڪو ماڳ سمجهڻ لڳا، جيئن ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا جي جلد پهرئين، صفحي 169 ۾ ڄاڻايل آهي. وڌيڪ کوجنائن ڪرڻ کانپوءِ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿين ته آرين جو اصلوڪو ماڳ رشيا اسڪئنڊينيويا ۽ بالٽڪ طرف هو. [1] [2]

هن باري ۾ ايترو چئبو، ته يوروپي عالمن ڌڪا ڪونه پئي هنيا. علم لغات، ڏند ڪٿائن جي ڀيٽ، جهوني – وٿ – وگيان (Archaeology) منکه وديا يا پرش وگيان (Anthropology) ۽ ٻين وگيانن (Sciences) جي وسيلي جيئن جيئن وين ٻيون ٻيون ثابتيون ملنديون، تيئن تيئن ويا رايا ڦيرائيندا. اسان جا ڪي ڏيهي عالم پنهنجي راءِ تي کپ کوڙ ٿي بيٺا ته آريه لوڪ اصل سپت سنڌو جا رهاڪو هئا ۽ ڪٿان ٻاهران ڪونه آيا، پر پوءِ وڻج واپار ۽ ٻين سببن ڪري ايران، وچ ايشيا ۽ يوروپ ڏي ويا. هن وقت تائين جيڪي کوجنائون ٿيون آهن، تن موجب گهڻن عالمن جو چوڻ آهي، ته آڳاٽا آريه لوڪ اصل اتر قطب جي هاڻوڪن برفاني ميدانن ۾ رهندا هئا، جتي ان وقت برف گهڻي ڪانه هئي ۽ ماڻهو بافرحت رهي سگهيا ٿي. جن عالمن اهو رايو ظاهر ڪيو، تن مان مکيه پروفيسر پينڪا هو، جنهن وچ ايشيا وارو نظريو بنهه غلط ٺهرايو، ۽ ڪيتريون ثابتيون ڏيئي آرين جو ماڳ اتر قطب ڄاڻايائين ۽ ائين به چيائين ته اهي اصل اسڪئنڊينيويا ۾ رهندا هئا ان وقت ڌاري بوسٽن يونيورسٽيءَ جي پريزڊنٽ (Dr. warren) ڊاڪٽر وارن هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو رکيائين ”بهشت لڌو“ [3] [4]

انهيءَ ڪتاب ۾ ڄاڻايائين ته سڄيءَ انسان ذات جو پهريون ماڳ اتر قطب هو. قديم ڪليٽڪ قومن جي ڏند ڪٿائن مان پروفيسر راهز (Professor Rhys) کي به ائين سمجهڻ ۾ آيو ته انهن قومن جا ابا ڏاڏا اصل اتر قطب طرف رهندا هئا. اها ڳالهه پنهنجن ”هبرٽ ليڪچرس“ ۾ ڄاڻايائين، جنهنڪري وچ ايشيا وارو نظريو هيڪاري گهڻي قدر ڪاٽا ٿي ويو. وچ ايشيا واري نظريي کي پڇاڙيءَ وارو ڌڪ لوڪمانيه بال گنگاڌرم تلڪ هنيو. اسان جي هن ڏيهي عالم ڪيتريون جيالاجيڪل ۽ آرڪيالاجيڪل ثابتيون، ۽ هندن جي ويدن، اتهاسن ۽ پراڻن مان، بلڪه پارسين جي زنداوستا مان ڪيترا حوالا ڏيئي، پنهنجي ڪتاب (Arctic Home in the Vedas)”آرڪٽڪ هوم“ ۾ لکيو ته پراڻن پٽاندر آڳاٽا لوڪ ميرو پربت تي رهندا هئا، جو اتر قطب ڏي هو. اسان به اهائي راءِ قبول ڪئي آهي. جنهن لاءِ سبب ڄاڻائينداسين. [5]

مصر ملڪ ۽ الهندي ايشيا ۾ آرين جون بيٺڪون: تاريخ جون کوجنائون اڃان هليون پئي ته مصر ملڪ ۽ ڪريٽ (Crete) ۾ ويجهڙائيءَ ۾ الهندي ايشيا ۾، کوجنائون ڪري، آرڪيالاجيڪل کاتي وارن تاريخ کان اڳ جي زماني تي هڪ نئين روشني وڌي. مصر طرف نيل نديءَ جي نزديڪ تل ال امرنه (Tel-el-Amarna) مان ڪي ڪاغذ پٽ 1880ع ۾ لڌا. انهيءَ جهوني دفتر مان معلوم ٿيو ته مصر جا فرعون ۽ مٽني (الهندي ايشيا طرف) جا راجائون هڪ ٻئي کي سڱ ڏيندا هئا. مٽنيءَ جي ڪن راجائن جا نالا ئي ساڳيا اهي هئا، جي قديم آرين جا هئا: مثلاً مٽنيءَ جي هڪ راجا جو نالو ”دشرت“ (Dusratha) هو، ۽ اهو ساڳيو نالو سري رامچندر جي پتا راجا دسرٿ جو هو. انهيءَ راجا دشرت پنهنجي هڪ نياڻي مصر ملڪ جي بادشاهه امينوفس چوٿين (Amenophis IV) سان پرڻائي، جنهن کي مٽنيءَ جي انهيءَ راجڪماريءَ مان ”گلو کپ“ (Gilukhip) نالي پٽ ڄائو، جو پوءِ وڏي هوندي مصر ملڪ جون جهونيون ريتون رسمون ڇڏي، سورج ديوتا جو پوڄاري ٿيو. [6]

حوالا[سنواريو]

  1. Prof. Max Muller: History of ancient Sanskrit Literature
  2. "The evidence is now all tending to show that the districts in the neighborhood of the Baltic, from there to the northern coast of the Caspian Sea, where those from which the Aryan languages first radiated and where the race of races who first spoke them originally dwelt." Charles E. Beale: History of the World's Progress, page 70
  3. "If an answer must be given as to the place where our Aryan ancestors dwelt before their separation, I should still say, as I said forty years ago, somewhere in Asia, and no more," Prof. Max Muller: Good words, August 1887, reprinted in "Biographies of Words"
  4. Paradise Found or the Cradle of the Human Race at the North Pole
  5. "Even on strict philological grounds the theory of the primitive Aryan home in Central Asia has been now almost abandoned in favour of Nort Germany or Scandianavia." Sjt. B.G. Tilok The Archtic Home in Vedas, preface, p. viii
  6. قديم سنڌ، ليکڪ؛ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد