آثم ناٿن شاهي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

غلام رسول سولنگيءَ جو ادبي نالو آثم ناٿن شاهي (Aasim Nathan Shaahi) هو. هن 2 جنوري 1937ع تي ڳوٺ کاٿڙي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادوءَ ۾ الله بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو هو. سندس شمار ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. آثم ناٿن شاهي پنج درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ عربي ۽ فارسي تعليم پنهنجي ناني مولوي فيض محمد ”پريشان“ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ الهرکيي جلباڻيءَ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. پيشي جي لحاظ کان پاڻ ڪڏهن مزدوري، ڪڏهن کيتي ته ڪڏهن خانگي ملازمت ڪري گذر سفر ڪندو رهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي شعر و شاعريءَ سان لڳاءُ رهيو. 1962ع کان پوءِ نالي واري شاعر ”محسن“ ڪڪڙائيءَ جي اصلاح هيٺ شعر چوڻ لڳو. ”بزم طالب الموليٰ“ شاخ خيرپور ناٿن شاهه سان لاڳاپيل علمي، ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1963ع ۾ ”محسن ڪڪڙائي“ سان گڏجي ”اداره فلاح و بهبود خيرپور ناٿن شاهه“ قائم ڪيائين ۽ هڪ لئبرري به کوليائين. سندس شاعري جا ٽي مجموعا ”جڏهن اُلا اُڀ ۾“ (1994ع) ۽ ”لهرون لهرون لاٽ“ (1998ع ۾ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ) ۽ ”ڇا چيس آئيني؟“ (رم جهم پبليڪيشن دادو طرفان) شايع ٿيا آهن. کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور ”ڪينجهر ادبي بورڊ“ (1994ع) ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان سندس ڪتاب تي نقد انعام مليا . سندس وفات 6 آڪٽوبر 2006ع تي ٿي. [1]